لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي پنجن ڪرڪيٽرن آسٽريليا جي مشهور ٽورنامينٽ بگ بيش ليگ (بي بي ايل) جي ڊرافٽ لاءِ رجسٽريشن ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته مجموعي طور تي 600 کان وڌيڪ عالمي رانديگر ڊرافٽ لاءِ رجسٽرڊ ٿيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، پاڪستان جي اسٽار ڪرڪيٽرن شاهين آفريدي، محمد رضوان، حارث رئوف ۽ شاداب خان بي بي ايل جي ڊرافٽ لاءِ پنهنجو نالو داخل ڪرايو آهي.
ان کانسواءِ پاڪستاني وومين ٽيم جي ڪپتان فاطمه ثنا پڻ وومين بگ بيش ليگ (ڊبليو بي بي ايل) لاءِ دستياب رانديگرن جي فهرست ۾ شامل آهي.
رپورٽ موجب، ڊرافٽ لاءِ دنيا جي ٻين ملڪن مان به نالا شامل ڪيا ويا آهن، جن ۾ ويسٽ انڊيز جي شيمر جوزف، نيوزيلينڊ جي لوڪي فرگوسن ۽ ٽم سائوٿي، انگلينڊ جي سيم ڪُرن ۽ اليڪس هيلز، جڏهن ته سريلنڪا جو ڪوشال پريرا پڻ ڊرافٽ فهرست جو حصو آهن.
بي بي ايل ۽ ڊبليو بي بي ايل جي ڊرافٽ تقريب 19 جون تي ٿيندي، جتي سموري دنيا جي سپر اسٽار ڪرڪيٽر فرنچائزز جي چونڊ لاءِ دستياب هوندا.
بِگ بيش ليگ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر اليسٽر ڊويسن” شاهين آفريدي، محمد رضوان، هيٿر نائٽ ۽ صوفي ايڪلسٽن جهڙا نالا بگ بيش ليگ ۾ نئون جوش جذبو پيدا ڪندا ۽ ٽورنامينٽ جي مقبوليت ۾ واڌارو ايندو. “
You might also like