بجيٽ: سرڪاري ملازمن پگهارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ پارليامينٽ ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ اڄ مالي سال 2025-26 جي وفاقي بجيٽ شام پنجين وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ سرڪاري ملازمن سيڪريٽريٽ کان پارليامينٽ ڏانهن مارچ شروع ڪري ڇڏيو .
واضح رهي ته سرڪاري ملازمن طرفان مهانگائي، پگهارن ۾ واڌ ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سڏ ڏنو ويو هو جنهن سبب وفاقي راڄڌاني ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.
پوليس جي وڏي نفري پارليامينٽ هائوس ٻاهران مقرر آهي جڏهن ته سيڪريٽريٽ جي گيٽ وٽ به واڌو پوليس مقرر ڪئي وئي آهي ۽ سمورن حساس هنڌن تي سيڪيورٽي کي وڌيڪ سخت ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي سيڪيورٽي 7 ايس پي سٽي سيڪيورٽي جي حوالي سان نگراني ڪري رهيا آهن ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.