هراري (ويب ڊيسڪ) زمبابوي جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سڪندر رضا مقامي ٽورنامينٽ جي ميچ دوران مخالف ٽيم جي ڪوچ طرفان مبينا تعصباڻي ۽ توهين جوڳن جملن جي استعمال خلاف شڪايت داخل ڪرائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، پهرين جون تي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ ٿيل هڪ مقامي ايونٽ جي ميچ دوران، رينبو ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ بليسنگ مفووا سڪندر رضا خلاف گٿن لفظن جو استعمال ڪيو.
شڪايت موجب، جڏهن سڪندر رضا پٺن جي سور سبب ميدان مان ٻاهر پئي ويو ان دوران مفووا ساڻس بدتميزي ڪئي.
سڪندر رضا پنهنجي شڪايتي خط ۾ لکيو آهي ته ” مون بليسنگ مفووا سان ادب سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هو اڃا به گاريون ڏيندو رهيو.“
هن وڌيڪ لکيو ته سڀ کان وڌيڪ تڪليف ان وقت ٿي، جڏهن مفووا چيو، ”مان جيڪو چاهيان سو چئي سگهان ٿو، ڇو ته وٽس زمبابوي جو پاسپورٽ آهي، هي سندس سرزمين آهي ، پاڪستان ناهي.“
واقعي بابت شڪايت هراري ميٽروپوليٽن ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن وٽ داخل ڪئي وئي، جتي جاچ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جاچ مڪمل ٿيڻ تائين بليسنگ مفووا کي معطل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته سڪندر رضا نه رڳو زمبابوي جي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اهم حصو آهي، پر ٽي ٽوئنٽي فارميٽ جو موجوده ڪپتان پڻ آهي. واقعو ملڪ اندر نسلي امتيازن ۽ پرڏيهين جي خلاف روين بابت هڪ نئون بحث کڙو ڪري ڇڏيو آهي.
You might also like