ممبئي (ويب ڊيسڪ) انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2025 ۾ تاريخي ڪاميابي ماڻي ۽ 18 ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ ٽرافي پنهنجي نالي ڪرڻ کانپوءِ رائل چئلينجرز بئنگلورو (آر سي بي) جي مالڪن فرنچائز وڪرو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
واضح رهي ته ٽه جون تي احمد آباد جي نريندر مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل ميچ ۾ آر سي بي، پنجاب ڪنگز کي 6 رنسن سان شڪست ڏئي پنهنجي پهرين آءِ پي ايل ٽرافي حاصل ڪئي.
18 ورهين جي ڊگهي انتظار کانپوءِ ٽرافي کٽڻ جي هڪ هفتي بعد ئي ٽيم جي مالڪن طرفان فرنچائز مڪمل يا عارضي وڪرو بابت غور ويچار شروع ڪري ڇڏيو آهي.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب، Diageo Plc، جيڪو هن وقت آر سي بي جو مالڪ آهي، امڪاني سيڙپڪارن سان رابطا ڪري چڪو آهي، جيتوڻيڪ فرنچائز جي قيمت بابت ڪا باظابطا تصديق سامهون ناهي آئي، پر بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ٽيم جي مالڪ ان جي مڪمل وڪرو لاءِ اٽڪل 2 ارب آمريڪي ڊالر (16 هزار ڪروڙ ڀارتي رپين کان وڌيڪ) جو مطالبو ڪري سگهن ٿا.
ياد رهي ته رائل چئلينجرز بئنگلورو کي پهريون ڀيرو 2008ع ۾ وجئه ماليا جي ڪنگ فشر ايئر لائنز خريد ڪيو هو، پر مالي بحران کانپوءِ ٽيم جي ملڪيت Diageo Plc وٽ منتقل ٿي وئي.