ساڍا 17 هزار ارب رپين جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ٿيندي، دفاع لاءِ 24 سئو ارب رکڻ جي تجويز

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت طرفان لڳ ڀڳ 17.5 هزار ارب رپين جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي،  جنهن ۾ دفاع لاءِار 2,414 ب رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، ترقياتي منصوبن لاءِ 1,065 ارب رپيامختص ڪرڻ جي تجويز آهي، گريڊ 1 کان 16 تائين ملازمن لاءِ: 30٪ ڊسپرٽي الائونس ڏيڻ جي تجويز آهي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 10 سيڪڙو واڌ سميت 3 مختلف آپشنز غور هيٺ آهن، وفاقي بجيٽ جو اندازي موجب بجيٽ جو ڪاٿو ساڍا 17 هزار ارب رپين کان وڌيڪ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته وياج جي ادائيگين لاءِ لڳ ڀڳ 9 هزار ارب رپيا رکيا ويا آهن، ايندڙ مالي سال دوران، دفاع تي: 2,414 ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا، ترقياتي منصوبن تي وفاق طرفان 1,065 ارب رپيا خرچ ڪرڻ جو امڪان آهي، تعليم ۽ صحت جي شعبن لاءِ گهٽ فنڊز رکيا ويا آهن، تعليم لاءِ صرف 13 ارب 58 ڪروڙ رپيا، صحت لاءِ فقط 14 ارب 30 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، بجيٽ ۾ وفاقي ترقياتي بجيٽ جو حجم لڳ ڀڳ 1,000 ارب رپيا هجڻ جي توقع ڪئي پئي وڃي، ايف بي آر جي ٽيڪس وصولين جو هدف 14,307 ارب رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن مان 6,470 ارب رپيا سڌي ٽيڪس (Direct Tax) جي مد ۾ گڏ ڪيا ويند، فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ 1,153 ارب رپيا، سيلز ٽيڪس جو هدف: 4,943 ارب رپيا، ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾: 1,741 ارب رپيا، پيٽروليم ليوي جو هدف: 1,311 ارب رپيا، ان کان سواءِ نان ٽيڪس آمدني: 2,584 ارب رپيا، صوبا لڳ ڀڳ 1,220 ارب رپيا سرپلس ڏيندا، ان کان سواءِ ، ڊيجيٽل معيشت ۽ آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ 16 ارب 22 ڪروڙ رپيا مختص ڪرڻ جو امڪان آهي، بجيٽ کي وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس مان منظوري ملڻ کان پوءِ پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، بي پاسي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ايندڙ مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ قومي اسيمبلي جي شيڊول جي منظوري ڏئي وئي آهي. اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق چيو آهي ته بجيٽ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، 13 جون کان بجيٽ تي بحث جو آغاز ٿيندو ۽ اسيمبلي ۾ موجود پارلياماني جماعتن کي قاعدن ۽ ضابطن جي مطابق بحث لاءِ وقت ڏنو ويندو، بحث 21 جون تي ختم ٿيندو، 24 ۽ 25 جون تي ڊيمانڊز، ڪٽوتي واريون تحريڪون (Cut Motions) تي بحث ۽ ووٽنگ ٿيندي،  26 جون تي فنانس بل جي قومي اسيمبلي مان منظوري ڏني ويندي، ۽ 27 جون تي ضمني گرانٽس سميت ٻين معاملن تي بحث ۽ ووٽنگ ٿيندي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.