اسلام آباد(م ڊ) ايندڙ مالي سال 2025-26 جي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، جنهن جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو اهم اجلاس اڄ منجهند 4 وڳي پارليامينٽ هائوس اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي۔ڊان نيوز موجب اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيندو، جنهن ۾ بجيٽ جون تجويزون پيش ڪري وفاقي ڪابينا کان فنانس بِل جي منظوري ورتي ويندي۔اجلاس دوران سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ بابت تجويزن جي به حتمي منظوري ڏني ويندي، جنهن بعد بجيٽ قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي۔
-
بجيٽ تي غور لاءِ پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس اڄ شام طلب
اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق پارلياماني اڳواڻن جو مشاورتي اجلاس اڄ شام 4 وڳي طلب ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ وفاقي بجيٽ 26-2025 تي غور ڪيو ويندو، اجلاس لاءِ اپوزيشن جي ميمبرن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، پي ٽي آءِ جي اسد قيصر، زرتاج گل، بيرسٽر گوهر، عامر ڊوگر ۽ رياض فتيانه کي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت موڪلي وئي آهي.