ٽرمپ جو فلسطين ڏانهن ڌيان ڇو نه ٿو ڇڪجي؟

تحرير: ماهر علي

ڊونلڊ ٽرمپ موجب ھن گذريل چئن مهينن ۾ جيڪو ڪجهه ڪيو آھي . ان ۾ ھوءَ  بينجمن نيتن ياهو  حڪومت کي  اسپاٽ لائٽ  کان پري ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي؟جڏهن ھم مھيني جي وچ ڌاري  آمريڪي صدر پنھنجي دوري کي وچ اوڀر ۽ نار  ملن تائين محدود رکندي اسرائيل کي نظرانداز ڪيو تھ  تڏھن کان ميڊيا ۾ اھي ڪھاڻيون پکڙجي رھيون آھن تھ ڊونلڊ ٽرمپ اسرائيل کي ديوار  سان لڳائي ڇڏيو آھي. سندس انتظاميا يمن ۾ حوثين سان هڪ معاهدو ڪيو، ايران سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ۽ آمريڪي صدر رياض ۾ هڪ اڳوڻي جهادي سان به ملاقات ڪئي آهي جيڪو هاڻي شام جو صدر آهي. اهو ممڪن ناهي ته اسرائيل ان اڳڀرائي سان  اسرائيل خوش ٿيو هجي.

جيڪڏهن ڊونلڊ ٽرمپ جو جھاز يروشلم ۾ لهي ها ته ميڊيا جو ڌيان انھن جي نسل ڪشي ڪندڙ ميزبانن تي مرڪوز  وڃي ها. پوءِ، اهو حيران ڪندڙ ناهي ته عام طور تي آواز اٿاريندڙ صهيونسٽ لابي آمريڪي صدر جي دوري تي گھٽ   اعتراض ڪيو آهي. چاھي  قطر ۾ ملندڙ  عاليشان بوئنگ جيٽ هجي يا رياض، دوحا ۽ ابوظهبي سان ٽريلين ڊالر جي معاهدن جو تفصيل ھجي، اهي سڀئي رپورٽون غذائي کوٽ سبب مرندڙ ٻارن ۽ غزه ۾ تباهي کان ڌيان هٽائي سگهن ٿيون .جيڪي آمريڪا پاران فراهم ڪيل هٿيارن جي ڪري  ٿي رھي آهي.

گذريل جمعي تي، غزه ۾ باقي بچيل ڪجهه ٻارن جي بيمارين جي ماهرن مان هڪ علا  النجار اسرائيلي حملي ۾ بچي ويل هڪ طبي مرڪز تي پهتي تھ ھن  10 ٻارن مان ست جي سڙيل لاش ڏٺا، جن کي ھن نصر اسپتال آندو. جيڪي سڃاڻپ کان ٻاهر هئا. سندس 6 مهينن جو پٽ سيدن  سميت انھن ٻھ ٻار خان يونس ۾ پنهنجي گهر جي ملبي هيٺان دٻجي ويا هئا.اهڙي المناڪ نقصان کان پوءِ زندگيءَ کي جاري رکڻ جي لاءِڪيتري طاقت جي ضرورت ھوندي آهي، اهو تصور ڪرڻ بھ مشڪل آهي، پر علا النجار ڊاڪٽر جي حيثيت سان پنهنجو ڪم جاري رکيو، ڇاڪاڻ ته ٻين زندگين کي سندس مدد جي ضرورت هئي.

سومر تي، غزه سٽي ۾ هڪ اسڪول جتي بيت لابيا جي سوين ڦاٿل ماڻھن  پناهه ورتي هئي،ان کي نشانو بڻايو ويو.جنھن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 35 ماڻهو مارجي ويا. هميشه وانگر ان ۾عورتن ۽ ٻارن جو انگ وڌيڪ ھو. اسرائيلي دفاعي فوج، ان  اسڪول کي "حماس ۽ اسلامي جهاد لاءِ ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول سينٽر”  قرارا ڏنو. ساڳئي وقت، جباليا ۾ هڪ گهر ۾ 19 ماڻهن جو قتل عام ڪيو ويو.ساڳئي ڏينهن، هزارين اسرائيلي يروشلم جي اولڊ سٽي ۾ مسلمانن جي ڪوارٽر ڏانهن مارچ ڪيندي "عربن کي موت ڏيو”  "غزه اسان جو آهي،” ۽ "انهن جي ڳوٺن کي ساڙي ڇڏيو” جا نعرا هڻندا رھيا.ان مارچ ۾ شامل هڪ بينر ۾ دعويٰ ڪئي وئي ھئي  ته "نڪبھ کان سواءِ ڪا به فتح حاصل  نه ٿيندي.” .مارچ رياستي سرپرستي هيٺ ايم ڪلاوي پاران منظم ڪيو ويو، جيڪو باروڪ ڪهين جي اڳواڻي ۾ هڪ تنظيم آهي. باروڪ ڪهين مقتول دهشتگرد ربي ميئر ڪهين جو پٽ آهي. تعجب جي ڳالهه ناهي ته مارچ ڪندڙن ۾ اسرائيل جو قومي سلامتي جو وزير ۽ هڪ ڪاهاني، اتامار بين گوير بھ شامل ھو. جنهن پنهنجي نسل ڪشي جي ارادن کي لڪائڻ جي ڪا به ڪوشش نه ڪئي.هن سال مارچ ۾ هارٽز پاران ڪيل هڪ سروي جو نتيجو گذريل ھفتي خميس تي سامھون آيو. جنھن ۾ انڪشاف ٿيو ته 82 سيڪڙو اسرائيلي غزه جي پٽي مان غزه ۽ فلسطيني پناهگيرن کي نيڪالي ڏيڻ  جي حمايت ڪن ٿا، جڏهن ته 47 سيڪڙو غزه جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ ۾ ڪو حرج نٿا ڪن.

جيڪڏهن 1930 ۽ 1940 جي ڏهاڪي ۾ نازي حڪمراني هيٺ رهندڙ ماڻهن کان انهن جي يهودي پاڙيسرين بابت اهڙا سوال پڇيا وڃن ها، ته ڇا انهن جا جواب اڃا به وڌيڪ انتھا پسند ٿي پئي سگھن  ها ؟

پر ان معاملي کي هڪ طرف رکون، ڇاڪاڻ ته ٻئي طرف، چين ۽ يورپي يونين تي ٽرمپ جا واپاري ٽيرف، هارورڊ يونيورسٽي ۽ بين الاقوامي شاگردن تي سندس حملا، ڏکڻ آفريقي مهمانن سان ملاقات دوران ‘سفيد نسل ڪشي’ جي باري ۾ ھن جي ڪوڙي دعويٰ ۽ روس يوڪرين تڪرار بابت سندس مبهم بيان (جنهن کي هو حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو) آهن. ڇا اهو ممڪن آهي ته فلسطينين جي ثابت ٿيل نسل ڪشي رڳو ٽرمپ جي ڌيان جي لائق نه آھي ڇاڪاڻ جو متاثرين گورا نه آهن ؟

جڏهن ته ٽرمپ ولادي مير پوٽن جي ڪاررواين (يا ولاديمير زيلنسڪي جي بيانن) کي ڪنٽرول نٿو ڪري سگهي، پر هو يقيني طور تي نتن ياهو کي نسل ڪشي جي مهم  کان روڪي سگهي ٿو. پر ايئن نھ ڪرڻ سندس فيصلو آهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ ڄاڻي واڻي  اسرائيل طرفان بنيادي انساني حقن ۽ قدرن جي جاري  لتاڙ کي نظرانداز ڪرڻ جي چونڊ ڪئي  آهي.يورپي، ڪينيڊين ۽ آسٽريليا جي اڳواڻن تازو ئي  اسرائيلي بيانن ۽ ڪاررواين جي مذمت  ڪرڻ جو جيڪو  فيصلو ڪيو آھي. اهو بھ ڪجھھ بھتر نھ آھي. اھي ڄاڻن ٿا ته انهن جا بيان  تيساتئين ڪنهن جي به جان نه بچائي سگهندا جيستائين اهي ٺوس قدم نه کڻن.

نه رڳو نسل ڪشي ڪندڙ رياست کي هٿيارن جي فراهمي معطل ڪئي وڃي، بلڪھ ھن سان سمورو واپار به بند ٿيڻ گھرجي، جنهن ۾ وڏو واپار چين، آمريڪا ۽ يورپي يونين سان جڙيل آهي. نازي جرمني کي تباهه ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي پيماني تي جنگ جي ضرورت پيش آئي هئي، پر ڏکڻ آفريڪا جي نسل پرست قوت کي ڊاھڻ جي لاءِ بائيڪاٽ، سيڙپڪاري معطلي ۽ پابنديون ئي ڪافي هيون.غزه ۾ نسل ڪشي کي روڪڻ لاءِ بائيڪاٽ ۽ پابنديون ڪافي نھ آھن. پر هن رستي کي چونڊڻ سان مقصد حاصل ڪرڻ ۾ خبر نھ آھي ڪيترو وقت لڳندو؟ اهڙين حالتن ۾ ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندا ته جڏهن اهو سڀ ڪجھھ  ٿي رهيو هو ته ان کي روڪڻ لاءِ انھن ڪجهه به نه ڪيو.

جيڪڏهن ڪڏهن به غزه ۾ شهيد مائرن ۽ ٻارن جي دفن ٿيل هڏين ۽ کليل هوا ۾ پيل لاشن تي ڊونلڊ ٽرمپ  پنهنجو مجسمو کڙو ڪري ٿو ، ته اهو پارسي طرز جي خاموشي جو هڪ اھڙو  مينار هجڻ گهرجي جتي صهيونسٽ ڳجھون ان باقيات کي پٽي رھيون ھونديون، جيڪي جو بائيڊن، ڊونلڊ ٽرمپ، بينجمن نتن ياهو ۽ انهن جي يورپي اتحادين جي ڪاررواين جو نتيجو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.