اسلام آباد(قربان بلوچ)سنڌ جي عوام حڪمرانن جي سازش جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. صورتحال ايستائين پهتي آهي جو سنڌ ۾ زبردستي پوليس راڄ قائم ٿي چڪو آهي، جيڪي به الزام آهن، تن جي باوجود سنڌ جي ماڻهن حڪمران جماعت جي ان خوف کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي. 17 سالن کان حڪمراني ڪندڙ جماعت ڪوشش ڪري رهي آهي ته سنڌ ۾ جيڪا پرامن تحريڪ هلندڙ آهي، ان کي ڪنهن به طريقي سان پرتشدد بڻايو وڃي ۽ جيڪي مرڪزي فورسز آهن، تن کي سنڌ جي عوام جي سامهون آڻي بيهاريو وڃي ته جيئن اهي پاڻ پري ٿي سگهن.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس خاندان جيڪي قربانيون ڏنيون، ان جي قيمت سنڌ جي ماڻهن ادا ڪئي. ٽي نسل ان لاءِ گذري چڪا آهن، هاڻ چوٿين نسل جوان ٿي وئي آهي، جن چئي ڇڏيو آهي”بس، هاڻ گهڻو ٿي ويو“پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيام کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ماڻهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، مير مرتضيٰ ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو جي شهادتن تي ۽ انهن سان ٿيندڙ ظلمن تي همدردي ڪندي، سندن جماعت جي ماڻهن جا اشارا مڃيا. پر ان جماعت سنڌ سان جيڪا تباهي ڪئي، جيڪا بدانتظامي، ڪرپشن، قبضاگيري ۽ مار ڌاڙ ڪئي وئي، اها هاڻ برداشت جي حد کان ٻاهر نڪري وئي آهي.هاڻ صورتحال ايتري ته خراب ٿي وئي آهي جو ڏکڻ سنڌ انتهاپسندي جي ڪنٽرول ۾ آهي.اتر سنڌ ڌاڙيلن جي قبضي ۾ آهي.وچولي سنڌ ضيائي پوليس گردي جي وڪڙ ۾ آهي.گذريل ٻن ٽن مهينن کان سنڌ جي ماڻهن پنهنجي جدوجهد جاري رکي آهي، حڪمرانن جي هر ڪوشش هئي ته ان تحريڪ کي پرتشدد بڻائي، پر سنڌ جي ماڻهن اهڙي سازش جو حصو ٿيڻ کان انڪار ڪيو.سنڌ جا حڪمران، جن جو ڀٽو، ڀٽو جي نظريات يا پاليسين سان ڪو به لاڳاپو ناهي، اهي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيڪي به مخالف آواز آهن، انهن کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان دٻايو وڃي. مورو ۾ ٻه نوجوان شهيد ٿيا، جن مان هڪ جي لاش کي اغوا ڪري زبردستي دفن ڪيو ويو. جڏهن ماڻهن سخت ردعمل ڏنو ته پوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن جي جنازي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.ان احتجاج کي سنڌ جي حڪمرانن ڪڏهن ”ڀارتي پراڪسي” قرار ڏنو،ڪڏهن “دهشتگردي” جو نالو ڏنو، اهو خوف ان حد تائين وڌايو ويو جو عام ماڻهو حيران ٿي ويا ته سنڌ سان ڇا پيو ٿئي؟پر لڳ ڀڳ ڏهه ڏينهن کان پوءِ هاڻ اهو پوليس گرديءَ جو خوف ٽٽي ويو آهي. ماڻهو ٻيهر سڄي سنڌ ۾، مورو ۽ دادو روڊن تي نڪتا آهن. مختلف سياسي تنظيمون، ڪارڪن روڊن تي نڪتا آهن.هڪ وڊيو مورو ۾ قوم پرست پارٽي جي مارچ جي آهي، جتي هزارين ماڻهو 45 ڊگري گرميءَ ۾، عورتون، ٻار، نوجوان، بزرگ مارچ ڪري رهيا آهن. انهن جا نعرا هئا “اسين ڪنهن به پرتشدد ڪارروائي جو حصو نه بڻجنداسين. اسان پرامن جدوجهد جاري رکنداسين جڏهن ته ٻي وڊيو “جسقم” جي ڪارڪنن جي آهي، جن دادو ۽ مورو جي وچ ۾ درياءَ سنڌ تي پل بند ڪئي. ان سان ٽريفڪ معطل ٿي وئي.انهن وڊيوز مان واضح ٿيو ته حڪمرانن ڪجهه ڏينهن کان جيڪي خوف، دهشت ۽ پوليس گردي جو ماحول پيدا ڪيو هو، اهو هاڻ ٽٽي چڪو آهي. هاڻ ڏسڻ ۾ ايندو ته ايندڙ ڏينهن ۾ حڪمران، جن کي طاقت، قبضن، ڪرپشن ۽ بدانتظاميءَ جو نشو چڙهيل آهي، اهي پنهنجي ئي عوام ۽ ووٽرز خلاف ڪهڙيون نيون سازشون ڪن ٿا.