سيراڻي (رپورٽ محمد بچل رند) سيراڻي شهر ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ، سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضن، سنڌو درياهه مان 6 تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف عوامي تحريڪ پاران اويس پيٽرول پمپ سيراڻي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب سيراڻي اڳيان نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي بدين ڪڍڻ روڊ ٻه ڪلاڪ بند ڪري ڇتي نعريبازي ڪئي انهيءَ موقعي تي اڳواڻن ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي نائب صدر ستار رند، علي محمد پرويز ميمڻ، مهراڻ درس، زرقا ھاليپوٽو، مختيار بڪاري، ايڊووڪيٽ ڪامران لاکو، اسلم ملاح، آڪاش ملاح، محمد علي ٽالپر، بهادر ٽالپر، ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب سرڪار ڏيڍ صدي کان سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن جو حساب ڏين. 1859 کان سنڌ جي پاڻي تي ناجائز ڌاڙن جو سلسلو جاري آهي. پيپلزپارٽي ڪوڙا ڊراما رچائي رهي آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪينالن خلاف سنڌ جي پرامن جدوجھد کي پرتشدد بڻايو ويو آهي. هڪ سازش تحت سنڌ ۾ لاقانونيت کي هٿي ڏني وئي آهي. پيپلزپارٽي جا چونڊيل نمائندا چوويھ ڪلاڪ عوام سان ڪوڙ، دوکو ۽ فراڊ ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ارسا ۾ سنڌ جي ڪير ٻڌڻ وارو ناهي. سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي. پاڪستان جو وفاق عملي طور پنجاب نواز آهي.