سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ ۽ لاتعلق بڻجي ويل لاڳاپيل ادارا

سنڌ ۾  ٻيهر پاڻي کوٽ وڌي وئي آهي، اڳواٽ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ 26 سيڪڙو ٿي وئي آهي جڏهن ته ارسا، پنجاب ۽ واپڊا ڊيم ڀرڻ ۽ ٻوڏ وارن ڪئنالن ۾ پاڻي کڻڻ تي ضد ڪري رھيا آهن.سنڌ ۾ جون جي پهرين ڏهن ڏينھن  ۾ 1991ع واري پاڻي ٺاھ مطابق سنڌ کي 98 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي پر ارسا پاران سنڌ کي اڳواٽ پاڻي نه ڏيڻ جي ڪري سنڌ  جي بئراجن کي فقط 72600 ڪيوسڪ پاڻي ملي سگهيو آهي جيڪو پاڻي مقرر حصي کان 26100 ڪيوسڪ گهٽ آهي.جنھن ڪري سنڌ جي ماڻھن جي اھا شڪايت درست آھي تھ سنڌ سان ھر دور ۾ اٽڪل بازي سان پاڻي جي سلسلي ۾ زيادتيءَ ٿيندي رھي آھي.جنھن تي لاڳاپيل ادارا سنڌ جي ماڻھن جي دانھن تي ڪن ڌرڻ جي بھ زحمت نٿا ڪن.

پنجاب ۽ ارسا ٻوڏ وارن ڪئنالن سميت ٻين ڪئنالن ۾ اضافي پاڻي کڻڻ ۽ واپڊا ڊيمن ۾ ذخيرو ڪرڻ تي بضد آهن، پنجاب تڪراري چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 19613 ڪيوسڪ ۽ ٻوڏ واري تڪراري تونسا پنجند لنڪ فلڊ ڪئنال ۾ 12000 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻي ورتو آهي.

 ان کانسواءِ ٿل ڪئنال جي کڻت وڌائي 7766، مظفڙ ڳڙھ جي 8000 هزار، ڊيرا غازي خان ڪئنال جي کڻت 7000 هزار، سي آر بي سي ۾ پنجاب لاءِ 1900 ۽ ڪڇي ڪئنال ۾ 700 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي، پنجاب رڳو سنڌو درياھ تان 56 هزار 979 ڪيوسڪ پاڻي کنيو آهي جڏهن ته جهلم درياھ تان کڻت گهٽائي ڇڏي آهي جتي ايندڙ 40200 مان 17900 ڪيوسڪ پنجاب ڪئنالن ۾ کڻي باقي 22300  ڪيوسڪ پاڻي منگلا ڊيم ۾ جمع ڪيو آهي ۽ چناب درياھ ۾ ايندڙ سمورو پاڻي پنجاب کڻي رهيو آهي.جنهن ڪري سنڌ ۾ آڳاٽو ۽ وچولو خريف جو پوکيل فصل شديد متاثر ٿيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ۽ پاڪستان جي پوڇڙ وارن ضلعن بدين، ٽنڊو محمدخان، سجاول ۽ ٺٽي ۾ انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي جتي پيئڻ جو پاڻي به ميسر نھ آھي.

سنڌ جي بئراجن تي پاڻي جي کوٽ 26 سيڪڙو ٿي وئي آهي، گڊو بئراج کي 22700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي ها پر اتي فقط 11300 ڪيوسڪ پاڻي ڪئنالن کي ڏنو ويو جنهن ڪري گڊو تي پاڻي جي کوٽ 50 سيڪڙو آهي جيڪا اڄ گهٽجڻ جو امڪان آهي، سکر بئراج کي 49100 ملڻ کپي ها پر اتي جي ڪئنالن کي فقط 40 هزار 400 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو جنهن ڪري سکر بئراج تي پاڻي جي کوٽ 18 سيڪڙو ٿي وئي آهي ۽ ڪوٽڙي بئراج جي ڪئنالن کي جون جي پهرين ڏهن ڏينھن  ۾ 26700 ڪيوسڪ پاڻي ملڻ کپي ها  پر اتي سمورن ڪئنالن کي 22855 ڪيوسڪ پاڻي ڏنو ويو. جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 22  سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. مئي جي آخري ڏهي ۾ تونسا کان گڊو تائين سنڌ جي حصي جو  ٽي لک 28 ھزار ايڪڙ فٽ پاڻي چوري ٿي ويو آهي پر ان تي سنڌ سرڪار ارسا ۽ سنڌ ۾ ارسا جي نمائندي ڪوتحرڪ نھ ورتو آھي.

عرصي کان سنڌ جي عام ماڻھو کي شڪايت آھي تھ وفاق ان سان ناڻي ۽ پاڻي جي معاملي ۾ زيادتيءَ ڪندو رھيو آھي.اھڙي شڪايت ۾ شدت ھڪ ڀيرو تڏھن سنگين ٿي رھي آھي،جڏھن سنڌ ۾ سنڌو درياھ جي پاڻي مان ڪئنال ڪڍڻ وارين رٿائن خلاف  شروع ٿيل تحريڪ بھ جاري آھي. اھا تحريڪ ھڪ پاسي سمورين سياسي ڌرين کي ميڙي مٺ ڪري رھي آھي تھ ٻئي پاسي وفاق خلاف عام ماڻھو جي ڪاوڙ ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اضافو ٿي رھيو آھي.ساڳي ريت گذريل 16 سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ جاري تحريڪ صورتحال کي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آھي.سنڌو درياءَ مان پاڻي جي ورڇ سنڌ لاءِ سياسي طور تي حساس مسئلو رهيو آهي، پر تازا تڪرار ڪينال بابت تحريڪ صوبي جي صورتحال ۾ سنگين رخ اختيار ڪري رھي آهي.مختلف قوم پرست ڌرين جي احتجاج ۾ هزارين ماڻهون، نوجوان ۽ عورتون شرڪت ڪري رھيون آھن.

حقيقت ۾صوبائي حڪومت وفاقي حڪومت جي گرين پاڪستان انيشيئيٽو(پروگرام) کي هزارين ايڪڙ زرعي زمين ڏني آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ جي سرپرستي هيٺ شروع ڪيو ويو آھي.اھڙي پروگرام ۽ تڪراري ڪينالن جي منظوري کان اڳ ئي ان تي ڪم شروع ٿي ويو آھي.جنھن ڪري پڻ وفاق کي نقصان رسڻ جو خطرو پيدا ٿي رھيو آھي.پاڻي ورڇ بابت 1991 واري ٺاھ تي مڪمل طور عمل نھ ٿيڻ ڪري سنڌ سان لڳندڙ سامونڊي ڪنارن جي زمين کي سمنڊ ڳڙڪائي رھيو آھي.ڇوڙ واري علائقي ۾ گھربل پاڻي يا ذڪر ڪيل ٺاھ ۾ مقرر مقدار ۾ پاڻي جي سمنڊ ۾ ڇوڙ نھ ٿيڻ جي ڪري انڊس ڊيلٽا کي بھ نقصان رسي پيو.ان جو نتيجو اھو نڪتو آھي تھ سمنڊ زمين کي ڳڙڪائي رھيو آھي ۽ تمر جا ٻيلا ختم ٿي رھيا آھن،جنھن سبب سموري ايڪو سسٽم جو توازن بگڙي ويو آھي.ھاڻي خطرو آھي تھ امڪاني طور آيل سامونڊ طوفان اڳي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان رسائيندو.سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽجڻ سبب هر سال هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿي  رهي آهي.

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهڙي حساس معاملي تي وفاق توڙي پنجاب ڪنھن بھ عوامي راءِ کي اھميت ڏيڻ لاءِ تيار نھ آھن.جنھن ڪريوفاقي ڍانچي لاءِ خطرو بڻجندڙ هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن کي اڳيان اچي ڪري ان بابت سنڌ جي ماڻھن جي موقف کي ٻڌڻ ۽ ان بابت اعتبار جوڳي پاليسي جو اعلان ڪرڻ گھرجي.جيتوڻيڪ صوبن  ۾ پاڻي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ آئيني طريقو پڻ موجود آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي.ھن وقت جڏھن مٿي برساتون پئجي رھيون آھن ۽ پاڻي جو وھڪرو وڌيو آھي ان ھوندي سنڌ جي حصي جو پاڻي بي رحمي سان کڻڻ جو مطلب ھي آھي تھ سنڌ جي عام ماڻھو جي مسئلي ڏانھن حڪومت ڪو ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.اھڙي روش بي اعتمادي جي اھڙي ماحول کي پيدا ڪري ٿي.جنھن جو ڪو بھ حل نظر نٿو اچي.لاڳاپيل ادارن کي آئين ۾ سنڌ جي ڏنل حقن جو تحفظ ڪرڻ گھرجي، بي صورت ۾ بي اعتمادي واري فضا اڃان بھ وڌندي جنھن سان نقصان ئي ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.