پاڻي کي هٿيار بڻائڻ خطرناڪ آهي، ڀارت کي ڳاڙهي ليڪ اورانگهڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم

دوشنبي(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي انتهائي افسوسناڪ آهي، ڪروڙين ماڻهن جي زندگين کي تنگ نظر سياسي مقصدن لاءِ يرغمال نه بڻائي سگهجي ٿو، پاڪستان ڪڏهن به اهڙي اجازت نه ڏيندو، ڀارت کي ڳاڙهي ليڪ عبور ڪرڻ نه ڏينداسين۔ تاجڪستان جي گادي واري شهر دوشنبي ۾ گليشيئرز جي تحفظ بابت  هڪ عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اڄ جي دنيا ۾، جتي غزه ۾ روايتي هٿيارن جي استعمال گهاوَ ڇڏيا آهن، اتي هاڻي پاڻي کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي نئين خطري کي منهن ڏيڻو پيو آهي، ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي يڪطرفي ۽ غيرقانوني معطلي انتهائي افسوسناڪ عمل آهي۔ هن چيو ته ڪروڙين ماڻهن جي حياتين کي سياسي مفادن لاءِ يرغمال نه بڻائڻ گهرجي، پاڪستان اهڙي روش کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، ۽ ڀارت کي ڳاڙهي ليڪ عبور ڪرڻ نه ڏينداسين۔ ان کان اڳ وزيراعظم چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو پوي، پاڪستان ۾ 13 هزار گليشيئرز موجود آهن، ۽ اسان جو اڌ پاڻي انهن مان ملي ٿو، گليشيئرز جو تحفظ اسان لاءِ انتهائي اهم آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته ماحولياتي تبديلي جا اثر گليشيئرن تي پڻ پئي پون، ۽ پاڪستان جا گليشيئر تيزي سان ڳري رهيا آهن، 2022 ۾ پاڪستان کي ماحولياتي تبديلي سبب وڏي پئماني تي ٻوڏ ۽ طوفاني برساتن کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن فصلن ۽ انفرااسٽرڪچر کي شديد نقصان پهچايو۔ شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي فضا ۾ زهريلي گيسن جو نيڪال ۾ عالمي شرح جو اڌ سيڪڙو به ناهي، پر ان جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي۔ وزيراعظم پاڪستان چيو ته ترقي يافته ملڪ ماحولياتي تبديليءَ جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ارلي وارننگ سسٽم تي سيڙپڪاري وڌائين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.