سنڌ ۾ حڪمران ڌر جون مخالفن کي پراڪسي الزام ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون

اسلام آباد(قربان بلوچ) صدر پاران ننڍي عمر ۾ ٻارن جي شادي تي پابندي واري بل جي توثيق ڪري ڇڏي آھي ۽ اھو قانون ھاڻي اسلام آباد ۾ لاڳو ٿي ويوآھي.2013 کان  سنڌاندر اھو قانون لاڳو ٿيل آھي. ڪو چڱو ڪم ڪري ته ان جو ڳائڻ گھرجي پر صدر آصف زرداري جي کاتي ۾ جيڪي گناھ آھن اي جيڪي ماڻھو مٿس مڙھين ٿا اھي ايترا ته گھڻا آھن جو ھڪ قانون سان ختم نه ٿا ٿي سگھن.جئين فرحت الله بابر ايوان صدر بابت راز فاش ڪيا آھن تيئن سنڌ اندر حڪمراني بابت به ھڪ ڏينھن پردا چاڪ ٿيندا..سنڌ ۾ ڪا شيٰءِ ناھي جيڪا سنڌ جي حڪمرانن جي قبضي کان باھر ھجي گھرن تي قبضا گھٽين تي قبضا زمينن تي قبضا، سياسي بدعنواني، ڪرپشن سڀ موجودآھي. اھي سڀ ڏوهه بشمول معصوم سياسي ڪارڪنن جي قتل جي يا مٿن  جيڪي پراڪسي جا الزام آھن  ايتري قدر جي پارٽي جي ووٽرن کي به چيو وڃي ٿو ته زبان کوليندئو ته توھان مٿان به دھشت گردي جا الزام لڳندا. ھندستان جي پراڪسي جا به الزام.سنڌ ۾ حڪمران ڌر جا ماڻھو آف رڪارڊ ڪچھرين ۾ اھي گناھ صدر جي کاتي ۾ وجھن ٿا.بدعنواني، قبضا گيري، مذھبي جنونيت ۾ واڌ اھو سڀ ڪھھ پ پ پ جي قيادت جي سامھون ٿي رھيوآھي.ڪجھ وقت اڳ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر قتل ٿيو سندس قاتل آزاد آھن، سو صدر صاحب رڳو بھادري اسلام آباد لاءِ ڏيکارڻي آھي يا سنڌ لاءِ به جتي ڌاڙيل راڄ آھي،  قبضا گيري آھي، بدامني آھي، قتل عام آھي ۽ مذھبي جنونيت آھي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، ڇنڇر31 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.