اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ انٽرنيٽ تي پابندي جي تجويز

اسلام آباد(بيورو+م ڊ)اسلامي نظرياتي ائونسل پاران 16 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ انٽرنيٽ جي استعمال تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي،  اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين علامه راغب نعيمي چيو ته ملڪ ۾ 16 سالن کان گهٽ عمر وارا ٻار انٽرنيٽ استعمال نه ڪن. 16 سالن کان مٿي عمر وارا به انٽرنيٽ تي اهڙيون شيون نه ڏسن، جيڪي ڏسڻ گناهه جي زمري ۾ اچن ٿيون، علامه نعيمي جو وڌيڪ چوڻ هو ته عورت کي اسلام ۾ جيڪي حق ڏنا ويا آهن، اُهي ان وقت جي سماج ۾ ڪنهن به ٻئي نظام نه ڏنا هئا، اسلام عورتن سان ڪو به ظلم نٿو ڪري، عورتن کي جيڪي حق ڏنا ويا، اهي اڳ ڪڏهن نه مليا. عورت عورت جي ئي دشمن آهي، ڇو ته جڏهن ڪو نئون نڪور جوڙو ٺهي ٿو ته ظلم سسر نه، پر ساس طرفان وڌي ٿو، علامه راغب نعيمي چيو ته عورت مارچ جي شرڪت ڪندڙن جا ڪجهه مطالبا شريعت جي خلاف آهن، "هتي گهڻو ڪري ساس ئي نئين ايندڙ ڇوڪريءَ سان ظالماڻو سلوڪ ڪري ٿي، يعني عورت ئي عورت سان ناانصافي ڪري ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.