ٽنڊو جان محمد (رپورٽ: علي احمد جروار) ٽنڊو جان محمد ڀرسان ڦر ۽ چورين جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث نينگر سميت ٻه ڄڻا گرفتار ٽنڊو جان محمد پوليس ايس ايڇ او شاهنواز خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري سان شهر لڳ ڳوٺ 195 ۾ صبح مهل ڪارروائي ڪندي ضلعي ميرپورخاص جي مختلف شهرن ميرواه گورچاڻي ۔ڊگهڙي جهڏو ۔نئون ڪوٽ ۽ ميرپورخاص شهر سميت تازو گذريل ڏينهن ٽنڊو جان محمد مان سرعام چوري ۽ ڦر ڪندڙ ٻن ڄڻن راشد نواز آرائين ۽ عمير آرائين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي۔ پوليس ذريعن موجب ٻئي ڏوهاري ويڳا پيء پٽ آهن۔ جيڪي مختلف شهرن ۾ موٽر سائيڪل چوري ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي۔ جڏهن ته وارداتن ۾ ملوث جوابدار راشد نواز آرائين پنهنجي ويڳي پٽ سان گڏ ڳوٺ 195 ۾ ڪجھ ڏينهن کان سندس سهري مشتاق احمد آرائين وٽ ترسيل هو۔ جڏهن ته ضلعي ميرپورخاص جي مختلف شهرن ۾ وارداتن ۾ ملوث هجڻ ڪري ٻنهي جوابدارن کي پوليس سي آئي اي پوليس ميرپورخاص حوالي ڪري ڇڏيو آهي.