ننڍي عمر ۾ شادين تي بندش واري بل جي منظوري عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ جي فتح آهي: شيري رحمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته چائلڊ ميرج ريسٽرينٽ بل جي منظوري عورتن ۽ ٻارن جي حقن جي تحفظ ۾ ڪاميابي آهي.
شيري رحمان صدر آصف زرداري کي ٻارن جي شادي تي بندش واري بل تي صحيح ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ننڍي عمر ۾ شادي خلاف اهم قانون سازي جو سنگ ميل طئي ٿي ويو آهي.
هن چيو ته صدر آصف زرداري دٻاءُ جي باوجود ان بل تي صحيح ڪري ڇڏي، جيڪو پاڪستان ۾ سڌارن جي نئين دور جي نشاني آهي.
شيري رحمان وڌيڪ چيو ته هي قانون هڪ ڊگهي ۽ ڏکي جدوجهد کان پوءِ ممڪن ٿيو آهي، نئين قانون سازي سان ڇوڪرين جي تعليم ۽ صحت بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
هن چيو ته هي بل رڳو قانون ناهي، پر عزم آهي ته ڇوڪريون تعليم، صحت ۽ خوشحال زندگي جو حق رکن ٿيون، چائلڊ ميرج تي پابندي وارو قدم ايندڙ نسلن کي تحفظ، اميد ۽ روشن مستقبل ڏيندو.
شيري رحمان چيو ته سنڌ کان پوءِ وفاق پڻ ننڍي عمر ۾ شادي خلاف مضبوط پيغام ڏنو آهي، ٻيا صوبا به هن اهم قانون سازي ڏانهن قدم وڌائن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.