صدر آصف زرداري ٻارن جي شادي تي پابندي واري بل تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف زرداري ٻارن جي شادي تي پابندي واري بل تي صحيح ڪري ڇڏي.
ٻارن جي شادي تي بندش وارو بل قومي اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرميلا فاروقي ۽ سينيٽ ۾ شيري رحمان پيش ڪيو هو.
قانون موجب، نڪاح پڙهائيندڙ ڪو اهڙو نڪاح نه پڙهائيندو، جتي گهوٽ يا ڪنوار جي عمر 18 سالن کان گهٽ هجي، قانون جي ڀڃڪڙي تي نڪاح پڙهائيندڙ کي هڪ سال قيد ۽ لک رپيا ڏنڊ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.
قانون ۾ هي پڻ لکيل آهي ته 18 سالن کان وڏي عمر جو مرد جيڪڏهن ننڍي عمر واري ڇوڪري سان شادي ڪري ٿو ته کيس ٽن سالن تائين سخت پورهئي سان قيد جي سزا ملندي، جڏهن ته والدين جيڪڏهن ٻار جي ننڍڙي عمر ۾ شادي ڪرائين يا ان کي روڪڻ ۾ ناڪام رهن ته 3 سالن تائين قيد ۽ ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
بل موجب، عدالت کي جيڪڏهن خبر پوي ته ننڍي عمر وارن ٻارن جي شادي ٿي رهي آهي ته عدالت اهڙي شادي کي روڪڻ لاءِ حڪم جاري ڪندي.
بل ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته به شامل آهي ته عدالت کي اطلاع ڏيندڙ ڌر جيڪڏهن پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ چاهي ته عدالت تحفظ فراهم ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.