اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته پاڪستان کي هن وقت سياسي استحڪام ۽ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ لاءِ جمهوري قوتن کي گڏجي اڳتي وڌڻ گھرجي.
صدر آصف زرداري سان اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جي قيادت ۾ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ حسن مرتضى، شهزاد چيما، اسلم گل، مهر ارشاد ۽ ٻيا شامل هئا.
ملاقات ۾ پنجاب جو گورنر سردار سليم حيدر خان به موجود هو.
ملاقات دوران ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال، ايندڙ بجيٽ ۽ پارلياماني معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته وفد صدر کي مختلف علائقن جي عوامي مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ پنهنجي تجويزون پيش ڪيون.
صدر زرداري چيو ته جيڪڏهن جمهوري قوتون گڏجي هلنديون ته عوامي مسئلن جو حل نڪري سگهي ٿو، جهموريت ۽ عوامي خدمت کي هميشه ترجيح ملڻ گھرجي، عوامي مسئلن جي حل لاءِ هر فرد ۽ معاشري جي هر طبقي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
صدر جو چوڻ هو ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ نوجوانن کي اڳتي اچڻ گھرجي، جڏهن ته ملڪ جي معيشت کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ ضروري آهي.
ملڪ کي درپيش چئلينجن جي مقابلي لاءِ باهمي سهڪار، قومي اتحاد ۽ اتفاق جي ضرورت آهي.