ڪمل هاسن خلاف ڏکڻ ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ مظاهرا، فلمن جو بائيڪاٽ

چنائي (ويب ڊيسڪ) ليجنڊري ڀارتي اداڪار ۽ سياستدان ڪمل هاسن جي ايندڙ فلم ٺگ لائيف تي ڏکڻ ڀارتي رياست ڪرناٽڪ ۾ پابندي مڙهي وئي آهي، جنهن جو ڪارڻ اداڪار پاران ڪنڙا ٻولي بابت ڏنل تڪراري بيان ٻڌايو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڪمل هاسن فلم جي پروموشن دوران چنائي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته ” ڪنڙا، تامل ٻولي جي پيداوار آهي.“
سندس هي بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ڪرناٽڪ ۾ ڪنڙا نوجوانن، ثقافتي تنظيمن ۽ سياسي ڌرين پاران سخت ردعمل سامهون آيو.
بيان خلاف احتجاج طور ڪرناٽڪ فلم چيمبر آف ڪامرس گذريل ڏينهن هڪ هنگامي اجلاس ڪوٺايو، جتي ڪمل هاسن طرفان پنهنجي بيان تي معافي وٺڻ کان انڪار تي سندس فلم جي رياست ۾ رليز روڪي وئي.
ان کانسواءِ خميس ڏينهن ” ڪنڙا رڪشا ويدڪ“ طرفان به بئنگلورو ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي اداڪار خلاف نسخت نعربازي ۽ فلم جي بائيڪاٽ جو مطالبو ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.