اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب ۾ حج جي دوران پنج پاڪستاني پانڌيئڙا فوت ٿي چڪا آهن.
پاڪستان حج مشن جي ترجمان موجب، اِهي فوتگيون 4 مئي کان هيل تائين رپورٽ ٿيون آهن، جن ۾ فوت ٿيندڙ پانڌيئڙن جي سڃاڻپ چڪوال جي خواجه محمود، ڄامشوري جي محمد احسان، فيصل آباد جي ڪشور سلطان، جهلم جي گل جان ۽ گوجرانوالا جي ارشاد بيگم طور ٿي آهي.
ترجمان ٻڌايو ته خواجه محمود، محمد احسان ۽ ڪشور سلطان مديني شريف ۾ وفات ڪئي، جن جي جنازي نماز مسجد نبوي صلعم ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن ته تدفين جنت البقيع ۾ ڪئي وئي.
ٻئي پاسي گل جان ۽ ارشاد بيگم مڪي شريف ۾ لاڏاڻو ڪري ويا، جن کي مقره شرائع قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.
You might also like