ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ)ڀارتي رياست اولهه بئنگال جي وزيراعليٰ ممتا بئنرجي، مودي سرڪار جي پاڪستان خلاف جڙتو ۽ ناڪام فوجي ڪارروائي ”آپريشن سندور“ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ممتا بئنرجي چيو ته نريندر مودي حڪومت ”آپريشن سندور“ جو نالو رڳو پنهنجي ڪِرندڙ سياسي ساک کي بچائڻ ۽ چونڊن ۾ سياسي فائدي لاءِ استعمال ڪيو.
هن چيو ته مان خاص طور تي اڄ اها ڳالهه سامهون آڻڻ چاهيان ٿي، جڏهن مختلف سياسي پارٽين جا وفد ڀارت جو موقف پيش ڪرڻ لاءِ دنيا جي ملڪن جا دورا ڪري رهيا آهن.
وزيراعليٰ ممتا بئنرجي وڌيڪ چيو ته مودي اولهه بئنگال رڳو سياسي پروپيگنڊا لاءِ آيو، جتي هن پنهنجي تقرير ذريعي ورهائڻ واري سياست کي هٿي ڏني.
ممتا بئنرجي مودي سرڪار جي پاڪستان خلاف جڙتو ” آپريشن سندور “ جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا
Prev Post
You might also like