جس هجي ڪريمداد کي جنهن داغستان جا داستان اسان تائين پهچايا

تحرير: پرويز ابڙو

 وڏي وقت تائين جيءَ ۾ اھو جوڳ جاڳندو رھيو  ته، رسول حمزہ توف کي پڙھجي ۽ منھنجو داغستان جھڙو جاندار ۽ شاندار ڪو شاھڪار ”منھنجي سنڌ“ لکي سگھجي. سنڌ….. روح ۾ جنھن جي رنگيني آھي، انگ انگ ۾ جنھن جي الستي ۽ سَنڌَ سَنڌَ ۾ جنھن جي صوفيت سمايل آھي…… لڱ لڱ ۾ جنھن جي لاھوتي لوڏ، بدن ۾ بيچيني ۽ مَنَ ۾ جا موسيقي ۽ مقناطيسي مستي آھي…….. سا ئي سنڌُ، دل جنھن جو درياھ ۽ ساھ ساھ ۾ جنھن جي سنڌو ٿو سڏڪا ڀري!

پر ……… جوڳُ هميشه جوڳي ئي رھيو، نه پنڌ پڄاڻيءَ تي پھتو،  نه ئي داغستان جھڙو داستان لکي سگھياسي، ۽ سفر سدائين سَھڪن ۾ رھيو….. جکري جيان جس ھجي ڪريمداد کي جنھن داغستانَ جا داستانَ اسان تائين پھچايا.

ترجمو ڪرڻ ھڪ الڳ فھم آھي. فھم ۾ فراست نه ھجي  ته ذائقو زھر ٿي پوندو آھي. فھمَ سواءِ فن، من موھي ناھي سگهندو. ترجمو سٺو ٿيل ھجي  ته سوادُ سوايو ٿي پوندو آھي ۽ پڙھندڙن جون پنبڻيون پُراسرار ڪيفيتن جي ڪَلا منجھه  ڪَڪورجي وينديون آھن ۽ سِٽ سِٽ سرگوشي بڻجي ڪريمداد کي دادُ ڏيندي آھي. ڪريمداد جي ھن ترجمي ۾ فھم به آھي  ته فراست به.

ڪُڪُڙ ڪوريءَ جو نانءُ وڏيري جو……….

انصاف علي عباسيءَ چواڻي : ڪريمداد ڪئي واھ جي وڏ وڙائپَ آھي. گھٽ ماڻھن جي مشاھدي ۾ ھوندو  ته پرائو ڪُڪُڙ ڪُھي کائڻ جوسواد نه صرف سوايو ٿيندو آھي بلڪہ سڻڀو به.

ترجمي مان ترجمو ڪرڻ، بُڻ ۽ بُڻياد کي جيئن جو تيئن قائم ۽ دائم رکڻ ئي ڪلا جو ڪمال ۽ ڪلاڪار جي ڪاريگري سمجھبي آھي. ترجمي سان نڀائڻ، ساڳيو رَسُ ۽ چَسُ برقرار رکڻ ايري ـ غيري، نٿوـ خيري جي جاءِ ئي ناھي، مٿان وري ترجمي مان ترجمو ڪرڻ ڀولو پھلوان سان مقابلو ڪرڻ جيان مشڪل مرحلو آھي، ۽ ھن يار واھ جو ترجمي سان نڀايو ۽ ميدان ماريو آھي، جنھن لاءِ جَسُ لھڻي!

 

منھنجو داغستان مختلف ڪيفيتين ۽ ڪھاڻين تي ٻڌل ڪتاب آھي ، جنھن جو ورق ورق دانائي جو داستان آھي. نقادن لاءِ رسول حمزہ توف ڪيڏي نه سھڻي صلاح ڏئي ٿو  ته ”پڙھندڙن کي اُھوڪجهه ٻڌايو جيڪو ڪجهه ڪتاب ۾ آھي. اھو ڪجهه بلڪل به نه ٻڌايو جيڪو ڪتاب ۾ ناھي“…… سو ٻيلي تنقيد جا تيرَ وسائيندڙ تنقيد نگارن ۾ به تنقيد سھڻ جي سھپ ھئڻ لازمي آھي. باقي سنڌي ساھت جا بنياد  ته اڳئي ڀڙڀانگ لڳا پيا آھن!

ننڍڙين ننڍڙين ڳالههين تي خوش ٿيڻ ۽ ڳالهه ڳالهه تي تاڙا ملائڻ وارو ڪريمداد ڪيفيتن ۾ ڪرشماتي  ته ناھي پر فطرت ۾ فضيلت ڀريو ۽ جبلت ۾ جوشيلو جوان ضرور آھي، جنھن سان ملڻ کانپوءِ ماڻھو پَلَ ۾ ئي پرباش ٿيو پئي. جيئن عاجزي انسانيت جو اعليٰ معيار ۽ ھَٺُ حرامي ڪو ٻار، تيئن عاجزي اخلاقايت جو اتم درجو به آھي…. اخلاقيات ۾ ئي عشق جي اِسرارَ ۽ ادراڪَ جي اڏام آھي. نوڙت نِينھن وارن لاءِ پرينء ڏانھن پھرين پنڌ جيان آھي ، جتان سفر کي سنگ ميل ۽ سپرينءَ جو سَڏُ ۽ ڏَسُ ملي ٿو. ڪريمداد جي مزاج ۾ ئي عاجزي عيان ۽ انڪساري نمايان ملندي ، جيئن  ته گهڻائي کي  حد ناھي ٿيندي ۽ حد کان وڌيڪ گهڻائي ھاڃيڪار ٿيندي آھي، تيئن ئي ڪريمداد جي نوڙت اسان پارن جي چيلھه مان چيڪٽ ڪڍرائي ڇڏيندي آھي. چئبس ”ٻيلي ايڏو جھڪي نه مل، انگ انگ مان ٺڪاءُ نڪري ٿا وڃن“. ھٿ چمي چوندو ” اسان کي اسان جيان جيئڻ ڏيو. موٽ جي مھرباني نه ڪريو اسان کي وڌيڪ خوشي ٿيندي“.

ڏيو مُنھن !

ڪريمداد جي مڃجي يا اخلاقي قدرن جو پاس رکجي؟

سو اسان جھڙا جيڪي رُڪوع ۾ به رُجوع  ٻَري مان ڪندا آھن سي نه چاھيندي به ڪريمداد سان ملڻ مھل چيلھه مان چيڪاٽ ضرور ڪڍرائيندا آھن!

وڏي عرصي کان پوءِ جيئن ئي مليو، ڪتاب ڏيندي چيائين ” قبلا، ھن تي ٻه اکر لکي ڏيندا  ته اسان جو ھيانءُ ھلڪو ۽ مانُ مٿاھون ٿي پوندو“

” فقير لکڻ ڪڏھن وس ۾ ئي ناھي رھيو“ مرڪي وراڻيو مانس.” ڪتاب پاڻ سڏي چوندا آھن  ته اسان تي لِک“ سو رسول حمزہ توف ۽ ڪريمداد ھڪ ئي ڪتاب ۾ گڏجن  ته ڪو ڪافر ئي ھوندو جيڪو لکي نه سگهي!

ڪريمداد سان ڊيگھه وارو حوالو ٻلھڙيجي جا پيرزادا ۽ ويڪر وارو معاملو لياقت جلباڻي ۽ بُلو مگسي رھيا آھن. ھو انُو پيرزادي (انور جونيئر) ، لياقتَ، حسن پيرَ ۽ مگسيءَ کي ذري گهٽ مرشد ئي مڃيندو آھي، ڪو دور ھئو اھي چارئي اسان جا به دلبر رھيا آھن ۽ زندگيءَ ۾ شا مل ھڪ دور جو داستان آھن، جن لاءِ مانَ ۽ شانَ سان چئي سگهجي ٿو  ته ھِنن نَوَـ رتنَ سواءِ منھنجي ڪھاڻي اڌوري ۽ اڻپوري آھي. ڪريمداد سان ويجهو ٿيڻ ۾ مخدوم بلاول وارو حوالو به مضبوط منطق آھي. مخدوم انھن ماڻھن منجھان آھي جيڪي نه ڪنھن نظم ۾، نه ئي ڪنھن ڪھاڻيء ۾  ماپي سگهجن ٿا. اھڙا ماڻھو  ته پنھنجي ذاتِ، ڏاتِ ، ڏانوَ ۽ نانوَ ۾……. شاندار، جاندار ۽ شاھڪار ناول ٿيندا آھن. مخدوم زندگيء ۾ شامل ڳڻپ ۾ ايندڙ انھن ٿورڙن ماڻھن منجھان آھي جيڪي خاص ۽ خالص ٿيندا آھن. مخدوم تي ھڪ ھزار عاشق ھوندا، جنھن ۾ ھي سنڌ جو رسول حمزہ توف به ھڪ آھي. مخدوم لاءِ ڪريمداد چوندو آھي  ته :

“HE IS THE DEAD HONEST MAN ON THE EARTH”

ڀُونءِ جا ڀيدَ، ڀيدَ جا ڇيدَ ڪو شھسوار ئي سڃاڻي ۽ سمجھي سگهي ٿو، عقاب واري اک ئي اڀَ جا اسرارَ ۽ ادراڪ جا راز ڏسي سگھي ٿي. نه مان ڪو سٺو شھسوار آھيان، نه ئي ڪريمداد جي اَکِ عُقابي……… پر ڪريمداد جي ڪيفيتن ۾ جيڪو ڪشف آھي سو سندس ڇاتيءَ ۾ ڇلڪندي چڱي طرح ڏسي ۽ پڙھي سگهجي ٿو. بدن ۾ ڀڙڪندڙ بيچينيءَ ۾ ھن جي ڪربلا ڪرُ کڻندي محسوس ٿئي ٿي سا ڪڏھن نه ڪڏھن ڪا قيامت، ساھتَ ۾ برپا ضرور ڪندي. ۽ گهڻو ڪجهه لکرائيندي، ڪرائيندي ۽ ڪنھن نه ڪنھن دڳ لائيندي.

ڪريمداد سان ويجهڙائپ جو ھڪ حوالو فيض ۽ مظھر خشڪ به آھن، جن سان سِڪ جو سَڳو ۽ پريت جو پنڌ تمام پراڻو آھي. ھي ٻئي اھي يارڙا آھن، وٿي وڌي به وڃي، وچ ۾ سالن جو وڇوڙو ڇو نه اچي وڃي،  ته پوءِ به ويڇو ويڇو ناھي رھندو، سالن پڄاڻان ملندا  ته به ساڳيا اھڙا جھڙا هميشه کان ھيا، نه ڪو حجاب نه ئي ڪو پردو!

ڪراچي جھڙي اڙٻنگ ۽ اجگر شھر ۾ جتي جيوُ جيوَ کان اوپرو آھي، اتي امجد علي ھتار ۽ غلام محمد ھنجراھ جو ذڪر نه ڪرڻ ناانصافي ٿيندو، جن سياري جي سرد راتين ۾ روح رلايا ۽ مچ تي محبتي ميڙيا ۽ ڪريمدادَ سان جوڳَ جوڙايو.

جھڪاءُ ۽ ڏھڪاءُ!

ٻه الڳ الڳ ٻوليون آھن، لھجا ۽ لھجن ۾ موجود الڳ الڳ فلسفا آھن. ڪريمداد جُھڪاءُ واري جُوءِ جو جانباز آھي. نوڙت سان کيس نِينھنُ، طبيعت ۾ ھو تونگر ۽ فطرت ۾ فقيري اٿس. فقيري فطرت واري ھِنَ خشڪ جا خيما خلائن بدران خمار ۾ آھن. جتي به ھوندو هميشه ولر ورايل ھوندس يا وري وَلرَ کي ئي ورائي بيٺو ھوندو. اڪيلو ھئڻ ۽ جيئڻ  ته جوان سکيو ئي ناھي، ننڍڙا ننڍڙا ٽھڪ ۽ پتڪڙا پتڪڙا تاڙا سندس شخصيت جي سڃاڻپ آھن. مزاج ۾ جيڏو نفيس آھي، يارن واري معاملي ۾ تيڏو ئي تونگر. ٻلھڙيجي جا پيرزادا پھرئين پھرئين عشق جيان ھِن جا دادلا آھن. انُوءَ پيرزادي (انور جونيئر) ۽ اقرارَ کان حسن پير تائين ھڪ ئي مھل ھُو ھُنن جو عاشق به آھي  ته معشوق به. وس پڄيس  ته خشڪ بدران پاڻ کي پيرزادو ئي سڏرائي، پر وَسُ  ته ھميشه بيوس ئي رھيو آھي نه !

ڳالههائڻ واري معاملي ۾ ڪريمداد جي جا اسٽيمنا آھي سا ڪنھن کان به ڳجھي ناھي. ڪلاڪ جي ڪچھريءَ ۾ پنجيتاليهھ منٽ بس ھو ئي ڳالههائيندو. قصن مان قصا ۽ ڪھاڻين مان ڪھاڻيون ڪڍڻ جو جگر صرف خشڪن جو ئي ڪمال ٿي سگهي ٿو، ڪريمداد به ٻين خشڪن وانگيان ڳالههين جو ڳَھير ۽ ڪھاڻين ٻڌائڻ جو ڪوڏيو آھي. ھڪ دوست چواڻي ”اھا ڪوالٽي خشڪن جو مينيوفيڪچرنگ فالٽ آ “.  مجموعي طور ڪريمداد جي ڊيگھه، ويڪر ۽ موڪر ماپجي  ته ھمراھ پنھنجو پاڻ ۾ ئي سلڇڻو، سيبتو، فضيلت ڀريو ۽ وزن وارو لڳندو. جنھن سان گذاريل گھڙيون سجايون ئي لڳنديون، اجايون  ته بلڪل به نه.

ڪفر واري ڪائنات به عجيب ڪائي الڳ ئي دنيا آھي، جڏھن  ته فقيري وري ڪو ٻيو فھم ـ جيئن ڪفر واري ڪائنات ۾ کوڙ سارا ڪلاڪار ملندا تيئن فقيري ۾ به  نڄاڻ ڪيترا فنڪار موجود ملندا. فقيري ۾ گداگري شامل ٿي پئي  ته سيلاني بڻائي ڇڏيندي آھي. فقيري ۾ فنڪاري اچي وڃي  ته دينُ به دوڪانداري بڻجي پوندو آھي. پر فقيري ۾ فنا وارو فھم خيما کوڙي اچي ويھي رھي  ته فلسفن مان لاجڪ لاپتا ٿي ويندا آھن. مذھبن نه…. ماڻھن ئي ملڪ ۾ مذھب منجھايا آھن. سَڀُ مذھب پنھنجي جوھر ۾ سِڌا ۽ صاف آھن. مذھبن ۾ نه ڪو ٽيڙُ، نه ڪائي ھير ڦِير آھي، بندو ئي گندو آھي جنھن مُلڪن جا مُلڪ ۽ مذھبن جا مذھب منجھايا آھن……. باقي ھر ماڻھو پنھنجي پنھنجي  خيالَ جو آھي، خيال  ته عزازيلي به آھن  ته رحماني به!

ڪريمداد نه ئي سيلاني آھي نه ئي فنڪارُ. نه منطق ۾ ماپجڻ وارو، نه ڊيگھه ۽ موڪر ويڪري اٿس جو ڪنھن جي پڙھڻ ۾ ئي نه اچي، ھي  ته بس شخصيت ۾ سادو، طبيعت ۾ سلڇڻو ۽ فطرت ۾ ڇيل ڇبيلو ڇوڪرو آھي. توھان سان آھي  ته توھان جو آھي. توھان سان ناھي  ته پوءِ ڪنھن جو به ناھي……… شايد پنھنجو به نه!

فقير ڪريمداد پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ الڳ ئي ڪھاڻي آھي……. نه عام  نه ئي خاص، بس ھڪ ڪمپليٽ ڪھاڻي. جنھن جو پلاٽ ۽ سفر سموري سنڌُ تائين ڦھليل ملندو، ڪلائيميڪس ۾ سندس سفر جي پڄاڻي ۽ پنڌ جي پکيڙ فقيري تي اچي دنگ ڪري ٿي.

ڪاڪَ جيئن اسان لاءِ ڪو طلسم ڪدو، تيئن ئي داغستان به اسان لاءِ ڪا ڏند ڪٿا!… ھن ڪاپڙيءَ به اسان آڏو داغستان جو ديوَ مالائي داستان سامھون رکي ڪاڪَ واري ڪيفيت پڙھائي آھي.

ڪريمداد جو پھريون پورھيو، پھرئين پھرئين پيار جيان ڪچڙو مٺڙو آھي، ريوڙين وانگيان پنھنجوڪتاب ورھائيندي جيڪو مزو ھِن يارَ ورتو آھي، نه اڳ ڪڏھن ٻڌو ۽ نه ئي ڏٺوسي. سٺي ترجمي ڪرڻ تي فقير ڪريمداد واقعي به وري جس لھڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.