پاڪستان ۽ هندستان جي چئن ڏينھن جي جنگ بعد ٻنهي ملڪن عالمي سفارتي مهم تي اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وفدن ۾ اهم سياسي اڳواڻ شامل آهن.ٻنهي ملڪن ۾ جنگ بندي ٿي چڪي آهي، ان وچ ۾ سرحد جي ٻنهي پاسن کان متضاد دعوائن جي وچ ۾ سوال اٿاريو پيو وڃي ته انهن سفارتي مهمن جو مقصد ڇا آهي ۽ ٻئي ملڪ انهن ذريعي ڇا حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ؟ياد رهي تھ سفارتي مهم جو اعلان پهرين ھندوستان ڪيو.ان کان پوءِ پاڪستاني به ساڳئي قسم جي سفارتي مهم جو اعلان ڪيو.
پاڪستان حڪومت اڳوڻي پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد لنڊن، واشنگٽن ۽ برسلز موڪلڻ جو اشارو ڏنو ۽ وزيراعظم آفيس جي مطابق هي وفد ”عالمي سطح تي هندستان جي پروپيگنڊا ۽ ناپاڪ سازشن کي وائکو ڪندو.“ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وفد ۾ ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انجنيئر خرم دستگير، سينيٽر شيري رحمان، حنا رباني کر، فيصل سبزواري، تهمينه جنجوعه ۽ جليل عباس جيلاني به شامل هوندا. ٻئي طرف هندستاني حڪومت پارلياماني ميمبرن تي ٻڌل ست مختلف وفد آمريڪا، يورپ، آفريڪا ۽ وچ اوڀر ڏانهن موڪلي رهي آهي ته جيئن عالمي سطح تي وڏي پيماني تي سفارتي مهم هلائي سگهجي.هندستاني حڪومت جا اهي ست پارلياماني وفد 21 مئي کان 5 جون تائين ڪل 32 ملڪن جو دورو ڪندا. انهن وفدن جي روانگي کان اڳ هندستاني پرڏيهي سيڪريٽري وڪرم مسري انهن پارلياماني اڳواڻن کي پهلگام حملي ۽ ان کان پوءِ فوجي جهڙپ جي مختلف پهلوئن بابت آگاهه ڪيو.
هي مهم اهڙي وقت ۾ ٿي رهي آهي جڏهن مودي حڪومت هندستان اندر ڪيترن ئي سخت سوالن کي منهن ڏئي رهي آهي.اهو سوال پڻ اٿاريو پيو وڃي ته ڇا هندستان جي سفارتي مهم جو مقصد حڪومت خلاف ٿيندڙ تنقيد کي دٻائڻ آهي يا واقعي عالمي سطح تي پاڪستان خلاف ڪا ڪاميابي حاصل ڪرڻ آھي؟ اهو سوال پڻ اهم آهي تھ پاڪستان جو سفارتي ردعمل ڪيتري حد تائين هندستاني مهم جو مقابلو ڪري سگهندو؟ هندستان جو پهريون وفد، شيو سينا جي پارليامان شريڪانت ايڪناٿ شندي جي اڳواڻي ۾گڏيل عرب امارات، لائبيريا، ڪانگو ۽ سيرا ليون ڏانهن روانو ٿيو آهي.ڪانگريس اڳواڻ ششي ٿرور جي اڳواڻي ۾ وفد آمريڪا، پاناما، گيانا، برازيل ۽ ڪولمبيا جو دورو ڪندو. وفد 25 مئي تي گيانا کان پنهنجو دورو شروع ڪندو.
هڪ ٻيو وفد، بي جي پي جي سينئر اڳواڻ روي شنڪر پرساد جي قيادت ۾ 25 مئي تي فرانس کان پنهنجو دورو شروع ڪري رهيو آهي ته جيئن برطانيا، فرانس، جرمني، يورپي يونين، اٽلي ۽ ڊينمارڪ جي سياسي قيادت کي ’هندستان جو موقف پيش ڪري‘ سگهجي. جنتا دل يونائيٽيڊ جي اڳواڻ سنجي جھا جي اڳواڻي ۾ هڪ پارلياماني وفد انڊونيشيا، ملائيشيا، ڏکڻ ڪوريا، جپان ۽ سنگاپور جو دورو ڪندو، جڏهن ته بي جي پي، جي اڳواڻ بئجنٿ پانڊا جي اڳواڻي ۾ هڪ وفد سعودي عرب، ڪويت، بحرين ۽ الجيريا جو دورو ڪندو.هندستاني پرڏيهي وزارت موجب، ڊي ايم ڪي ،جي، ايم پي ڪاني موزي سين، يونان، سلووينيا، لٽويا ۽ روس جي وفد جي اڳواڻي ڪندي. اين سي پي اڳواڻ سپريا سولي جي اڳواڻي ۾ هڪ هندستاني پارلياماني وفد مصر، قطر، ايٿوپيا ۽ ڏکڻ آفريڪا جو دورو ڪندو.هندستان سڀني سياسي پارٽين تي مشتمل وفدن جي چونڊ ڇو ڪئي ؟ هندستان هي مهم تڏھن شروع ڪئي جڏهن اپوزيشن جماعتون پاڪستان ۽ هندستان ۾ جنگ بندي ۽ جنگ ۾ امڪاني نقصانن بابت سوال ڪري رهيون آهن.ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي ڪيترائي ڀيرا پڇيو ته هن جنگ ۾ هندستاني هوائي فوج کي ڪيترو نقصان پهتو ۽ ڇا ڪو جهاز ڪيرايو ويو. هن پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر جي بيان تي تنقيد ڪئي ته پاڪستان کي ’آپريشن سندور‘ شروع ٿيڻ کان اڳ ان بابت آگاهه ڪيو هو. ان سلسلي ۾ ڪانگريس جي شاگرد ونگ، ايس جي شنڪر جي گھر ٻاهران هڪ مظاهرو پڻ ڪيو.
ڪانگريس ان تي بھ اعتراض ڪيو ته حڪومت سياسي پارٽين کان پڇڻ بدران سفارتي مهم لاءِ پارلياماني ميمبرن کي پاڻ چونڊيو. ياد رھي تھ ششي ٿرور کي ڪانگريس پاران چونڊيو ويو هو، پهلگام حملي کان پوءِ پنهنجي پارٽي کان مختلف موقف اختيار ڪيو ۽ اڪثر موقعن تي حڪومت جي حمايت ڪئي، هڪ مرحلي تي، ڳالهھ ُھلي تھ ھو حڪمران جماعت ۾ شامل ٿيڻ وارو آهي.پر هن چيو ته هندستان جمھوري ملڪ آھي ۽ هو پنهنجي ذاتي خيالن جو اظھار ڪري رھيو ھو، جيڪي ضروري ناهي ته پارٽي جي موقف سان مطابقت رکن.ياد رھي ته ششي ٿرور پرڏيهي معاملن بابت پارلياماني ڪميٽي جو چيئرمين پڻ آهي.جڏهن پرڏيهي سيڪريٽري جي بريفنگ کان پوءِ، هندستان ۾ سياسي جماعتون عارضي طور تي پنهنجا اختلاف هڪ طرف رکي ڇڏيا آهن ۽ هاڻي هڪ ھڪ ٻولي ڳالهائي رهيون آهن.
سياسي تجزيه نگار نروپما سبرامنين جو چوڻ آهي ته آل پارٽيز وفد موڪلڻ جو هڪ مکيه مقصد مخالف پارٽين کي بي اثر ڪرڻ آهي.هن چيو ته، وفدن کي موڪلڻ سان ڪو به بنيادي فرق نه پوندو. پهلگام حملي تائين، عالمي برادري جو ڌيان دهشتگردي تي هو، پر آپريشن سندور کان پوءِ، حالتون مڪمل جنگ جي صورت اختيار ڪري رهيون ھيون، عالمي برادري هاڻي ٻنهي ملڪن ۾ ايٽمي جنگ جي خطري بابت سوچي رهي آهي.ھن جو چوڻ آھي تھ عالمي برادري اڳ ۾ ئي پارلياماني وفدن جي موقف کان واقف آهي جيڪي وفد پيغام کڻي وڃي رهيا آهن، ۽ ان سان ڪو فرق نه پوندو.
جواهر لال نهرو يونيورسٽي ۾ سفارتڪاري جي اڳوڻي پروفيسر ڊاڪٽر پشپيش پنت جو چوڻ آهي ته اولھھ ملڪ ڄاڻي واڻي ايٽمي تڪرار جي خوف کي وڌائي پيش پيا ڪن.بي بي سي سان ڳالهائيندي سندس چوڻ ھو تھ ماضي ۾ حڪومت مخالف اڳواڻن کي پنهنجي موقف کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪ به موڪليو آهي، پر اهو صرف گڏيل قومن تائين محدود هو.هو چوي ٿو ته مودي حڪومت کي اهڙي مهم جي ضرورت ان ڪري پيش آئي جو آپريشن سندور ۾ وزيراعظم ۽ حڪومت جي ساک کي گهڻو نقصان پهتو.
سندس چوڻ موجب مودي جي گجگوڙ، صدرٽرمپ، اهو چئي ڦري ورتي تھ، ”جنگ بندي مون ڪرائي، ويڙهه مون بند ڪرائي.“ ان کان پوءِ هتي جيڪا فتح جي ريلي ٿيڻي هئي، اها نه ٿي سگهي.پروفيسر پشپيش پنت موجب آپريشن سندور کان پوءِ وزيراعظم مودي جي قوم کي خطاب، ماڻهن کي مايوس ڪيو.ڇاڪاڻ ته هن ڪو به جواب نه ڏنو.
هندستاني سفارتي مهم جو مقصد پاڪستان جي سفارتي طور تنھا ڪرڻ آھي ؟ هندستاني ميڊيا رپورٽ ڪري رهيو آهي ته وفدن جو مکيه مقصد پاڪستان کي عالمي برادري ۾ تنھائي جو شڪار ڪرڻ آهي.پروفيسر پنت جو چوڻ آھي تھ عرصي کان نعرو ٻڌو ھو تھ مودي آهي ته سڀ ڪجهھ ممڪن آهي، پر پاڪستان کي عالمي برادري ۾ الڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي.هن جو چوڻ ھو تھ جيستائين پاڪستان جي پٺي تي چين جو هٿ آھي،جستائين آمريڪا لاءِ پاڪستان ڪارآمد آهي، ان کي عالمي بينڪ کان قرض ملي رهيو آهي ۽ سعودي عرب، بحرين ۽ قطر جهڙا ملڪ ان کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن، مون کي نه ٿو لڳي ته پاڪستان کي الڳ ڪري سگهجي ٿو.
پاڪستان جي سفارتي مهم: پاڪستاني وفد ۾ بلاول ڀٽو زرداري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، انجنيئر خرم دستگير، سينيٽر شيري رحمان، حنا رباني کر، فيصل سبزواري، تهمينه جنجوعه ۽ جليل عباس جيلاني شامل آهن.تجزيه نگارن ۽ پرڏيهي معاملن جي ماهرن جو چوڻ آهي ته هندستان جي جواب ۾ پاڪستاني سفارتي وفدن کي اولهھ ملڪن جي گاديءَ هنڌن تي موڪلڻ سٺو فيصلو آهي.اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز چوڌري بي بي سي کي ٻڌايو ته حڪومت جي ايجنڊا چٽي آهي ته پاڪستان کي دهشتگردي، پاڻي ۽ ڪشمير تي پنهنجا خيال دنيا آڏو پيش ڪرڻا آھن.
”پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ هندستان جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن ۽ ھي ئي اھو وقت آهي ته پاڪستاني حڪومت پنهنجي موقف کي دنيا تائين پهچائي ۽ اهو به ٻڌائي ته پاڪستان جو پهلگام حملي سان ڪو به تعلق نه هو.“ اسان جو سفارتي وفد دنيا کي اهو به ٻڌائيندو ته پاڻي روڪڻ 24 ڪروڙ ماڻهن خلاف ھڪ ڏوهه آهي.جيستائين ڪشمير مسئلو حل نه ٿيندو، ٻنهي ملڪن ۾ حالتون بهتر نه ٿينديون. ”جيڪڏهن اسان (پاڪستان ۽ هندستان) پنهنجا مسئلا حل نه ٿا ڪري سگهون، ته ڪنهن ٽئين ڌر کي ٽياڪڙي ڪرڻي پوندي ۽ هاڻي آمريڪا ۾ ٽرمپ انتظاميا پڻ انهن ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.“
ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته هندستان ۽ پاڪستان کان اولھھ گاديءَ وارن هنڌن تي وفد موڪلڻ هڪ ’پي آر مهم‘ لڳي ٿو.قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد سان لاڳاپيل پروفيسر محمد شعيب جو چوڻ آهي ته ”هن تڪرار دوران، پاڪستان ۽ هندستان پرڏيهي سفارتڪارن سان مسلسل رابطي ۾ هئا ۽ انهن کي سموري چرپر کان آگاهه ڪري رهيا هئا.“ ھي سلسلو بھ ان جي ھڪ ڪڙي آھي. پروفيسر محمد شعيب جي مطابق، هي سفارتي مشن پاڪستان لاءِ وڌيڪ اهم آهي ڇاڪاڻ ته ”پاڪستان کي دهشتگردي ۽ شدت پسندي جي مسئلي تي وڌيڪ نشانو بڻايو ويندو آهي (تنقيد ڪئي ويندي آهي).“ ”پاڪستان جي نمائندن کي موقعو ملندو ته هو ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن کي پنهنجو موقف، ڪجهه سالن ۾ کنيل قدم، مستقبل جي رٿابندي ۽ عالمي برادري سان لاڳاپيل اميدن ۽ پاڙيسري ملڪ هندستان بابت پنهنجي موقف کي پيش ڪن.“
( بي بي سي جي ٿرورن سان)