ججن اهو ناهي چيو ته عمران خان کي رليف ڏيڻ تي کين نشانو بڻايو ويو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ججن جي بدلي واري ڪيس ۾، جسٽس شاهد بلال تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين عمران خان جي درخواست تي اعتراض اُٿاري ڇڏيو، آئيني بئنچ جي سربراهه جسٽسمحمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته، "اهڙي قسم جي درخواست سان ته هاءِ ڪورٽ جي ججن کي به شرمندگي محسوس ٿي آهي. ججن ته اهڙو ڪجهه ناهي چيو ته عمران خان کي رليف ڏيڻ جي فيصلي سبب انهن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪڏهن منهنجي حوالي سان اهڙا لفظ استعمال ٿين ها ته مون کي به شرمندگي ٿئي ها، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏيندي چيو ته بدلي ٿي آيل ججن کي ڪهڙا الائونسز ملن ٿا؟ منهنجي راءِ ۾ ته انهن ججن کي ڪو اضافي الائونس نه ٿو ملي، جيڪڏهن ملي ٿو ته ڏيکاريو، هن وڌيڪ چيو ته "ماضي ۾ بدلي جي لاءِ هڪ معياد مقرر هوندي هئي، پر 18هين ترميم ۾ ان معياد کي ختم ڪيو ويو آهي، عدالت چيو ته دل ٿي چوي ته ڏنڊ سان گڏ درخواست رد ڪري ڇڏيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.