حيدرآباد (پ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، عزيزالله ڀٽو. نواز علي شاھه ڀاڏائي، غفار ميرجت، پنهل جمالي، ذوالفقار بليدي، اياز سولنگي، سلطان دل، ڪمال مهر پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آھي ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي سرڪار جي ظلم جو راج جاري آھي، سنڌ جا وسيلا لُٽيا پيا وڃن، ڌرتي ڌڻين کان زمينون کسيون پيون وڃن، ظلم ۽ بربريت خلاف جدوجهد ڪرڻ تي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي ته ٻئي طرف مورو ۾ ڪئنالن خلاف پُرامن احتجاج تي پوليس سڌيون گوليون هلائي زاهد لغاري کي شھيد ۽ عرفان لغاري کي زخمي ڪيو آھي جيڪا دهشتگردي آھي، گهرو وزير ضياءُ لنجار ان سڄي وارڌات کي ٻيو رخ ڏيڻ لاءِ هٿي وٺي پنهنجي بنگلي کي باھ ڏياري آھي، هن واقعي جي سيشن جج نوشھرو فيروز جي سربراهي جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ته پوليس ڪنهن جي چوڻ تي گوليون هلايون؟.