موري ۾ شهيد ڪارڪن جو لاش رکي ڌرڻو، زخمي عرفان لغاري حيدرآباد منتقل

حيدرآباد/نوشهروفيروز/ (رپورٽر+ رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو)نوشهروفيروز ضلعي جي شهر مورو ۾ قومي شاهراهه تي ٻئي ڏينهن به مختلف قومپرست ڪارڪنن پاران شهيد ڪارڪن زاهد لغاري جو لاش رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو. . مورو شهر ۾ واپاري برادري ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهم ڪاروباري مرڪز مڪمل طور تي بند رهيو. مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته جيستائين شهيد ڪارڪن زاهد لغاري جي قتل جو ايف آءِ آر داخل نٿي ڪئي وڃي، گرفتار ڪيل ڪارڪنن کي آزاد نٿو ڪيو وڃي ۽ قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، تيستائين احتجاجي ڌرڻو جاري رهندو. مورو واقعي خلاف نوشهروفيروز ۾ به قوم پرست ڪارڪنن ڀريا باءِ پاس تي ڌرڻو ھڻي قومي شاهراهه کي بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. موري واقعي جو زخمي قومي ڪارڪن عرفان لغاري سول اسپتال حيدرآباد جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل آهي, سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي, کيس وينٽيليٽر تي رکيو ويو آهي. ڪالهه نوابشاهه کان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ آندل عرفان لغاري کي نيوروسرجري جي آءِ سي يو وارڊ ۾ رکيو ويو, جتي اي اين ٽي شعبي جي ڊاڪٽرن به سندس معائنو ڪيو, عرفان لغاري جون سٽي اسڪين سميت سموريون ٽيسٽون ڪرايون ويون. ڊاڪٽرن موجب عرفان لغاري کي ٻه گوليون لڳل آھن. جن مان ھڪ گولي ٽنگ ۽ ٻي گولي وات ۾ جبڙي ۾ لڳل آهي, جنهن جي ڪري سندس دماغ کي رت پھچائڻ واري نس متاثر ٿي آھي. هوڏانهن وڪيلن اندرجيت لوهاڻو, ايڊووڪيٽ زرينه بلوچ, قومپرست اڳواڻ فتاح چنا, حمزه چانڊيو, راھول، غني امان چانڊيو, ڊاڪٽر حسيب علي قاضي سميت وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪن سول اسپتال پهتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.