ٻن ججن جو چوڻ آهي ته اسانجو ووٽ نه ڳڻيو\ آئيني بينچ

اسلام آباد(بيورو/م ڊ) آئيني بئنچ چيو آهي ته ٻن ججن جو چوڻ آهي ته سندن ووٽ نه ڳڻيو وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ مخصوص سيٽن بابت نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي دوران، سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل حامد خان بينچ جي جوڙجڪ ۽ لائيو اسٽريمنگ تي اعتراض ڪيو، جنهن تي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين واضح ڪيو ته اهڙين سڀني درخواستن تي جلد فيصلا نه ٿيندا، جڏهن انهن تي نمبر لڳندو ته ٻڌو ويندو. جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته "انهن ٻن ججن جو ته اهو به چوڻ آهي ته اسان جو ووٽ شمار نه ڪيو وڃي.جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 11 رڪني آئيني بينچ مخصوص سيٽن بابت نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي. سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل حامد خان چيو ته بينچ تي اعتراض سان لاڳاپيل درخواست تي اعتراض لڳل آهي، پر ان خلاف اپيل نه ورتي پئي وڃي. عدالت کي گهرجي ته اها درخواست مقرر ڪري. جنهن تي جسٽس امين الدين چيو ته "ان درخواست کي پوءِ ڏسنداسين، اوهان دليل شروع ڪريو.”وڪيل حامد خان عدالت ۾ لائيو اسٽريمنگ بابت به دليل ڏنا ۽ چيو ته مخصوص سيٽن بابت مک ڪيس جي ڪارروائي اڳ ۾ به سڌي ريت ڏيکاري وئي، عوام به ان مان واقف هئي. اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پنهنجي خلاف صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ لاءِ درخواست ڏني هئي.وڪيل حامد خان چيو ته 26هين آئيني ترميم خلاف به سپريم ڪورٽ ۾ ڪيتريون ئي درخواستون داخل آهن، جن جو هن ڪيس سان سڌو تعلق آهي. جسٽس مندوخيل پڇيو ته 26هين ترميم جو هن ڪيس سان ڇا تعلق؟ وڪيل ٻڌايو ته ان تحت ئي آئيني بينچون ٺهيل آهن. جسٽس امين الدين چيو ته اسان ڪيس مقرر ڪيو، پر ڪنهن به درخواست گذار جي تياري نه هئي. اسان آئيني پابندين تحت ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون. جسٽس مظهر چيو ته آئيني وضاحت وارو ڪيس آئيني بينچ ئي ٻڌندو. سماعت دوران وڪيل حامد خان، جسٽس عائشه ملڪ ۽ جسٽس عقيل  عباسي جي اختلافي نوٽ جو حوالو ڏنو. جسٽس امين الدين چيو ته "ان اختلافي نوٽ جي ڪهڙي اهميت آهي؟” جسٽس مندوخيل چيو ته "اوهان انتظار ڪريو، ڏسو ڪيترا جج اختلاف ڪن ٿا.” امين الدين چيو ته "اوهان سينئر وڪيل آهيو، اوهان کي خبر آهي ته اختلافي نوٽ جي ڪهڙي اهميت هوندي آهي.”پوءِ درخواست گذار جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيڻ شروع ڪيا. هن ٻڌايو ته پشاور هاءِ ڪورٽ 14 مارچ تي فيصلو ڏنو، 12 جولاءِ تي سپريم ڪورٽ مختصر حڪم نامو جاري ڪيو.جسٽس مظهر چيو ته انهن ٻن ججن جو ته اهو به چوڻ آهي ته "اسان جو ووٽ نه ڳڻيو وڃي.” وڪيل مخدوم چيو ته جيڪڏهن 5 جج وڌيڪ اعتراض ڪن ته به 7 ججن جو فيصلو اڪثريتي چوندو، آرڊر آف دي ڪورٽ تي صحيح ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.