اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ داخلا جو معيار گهٽائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻ ايم بي بي ايس لاءِ 50 سيڪڙو ۽ بي ڊي ايس لاءِ45 سيڪڙو نمبر حاصل ڪندڙ اميدوار به نجي ڪاليجن ۾ داخلا وٺي سگهن ٿا، پي ايم ڊي سي جي رجسٽرار موجب هي فيصلو ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ وڏي انگ ۾ خالي رهندڙ سيٽن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي، دستاويزن جي مطابق، ليا قت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز، ڄامشورو، سنڌ پي ايم ڊي سي کي اطلاع ڏنو آهي ته ميرٽ جي ڪري مختلف نجي ميڊيڪل ۽ ڊينٽل ڪاليجن ۾ ڪيتريون ئي سيٽون خالي رهجي ويون آهن.