واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگ کي واپار ذريعي ٽارڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ” اسان اهو ڪم ڪيو ۽ تڪرار کي واپار ذريعي حل ڪيو“
هن چيو ته ” هاڻي اسان ڀارت سان هڪ وڏو واپاري معاهدو ڪنداسين۽ پاڪستان سان به هڪ وڏي ڊيل جو ارادو رکون ٿا.“
صدر ٽرمپ اها ڳالهه وائيٽ هائوس ۾ ڏکڻ آفريڪي صدر سيرل رامافوسا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ تي روشني وڌي.
سندس چوڻ هو ته هو دنيا مان تڪرار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن ڀارت ۽ پاڪستان ڇڪتاڻ وڌي ته مون معاملي کي ٺارڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت سان رابطو ڪيو ۽ کين چيو ته ”توهان ڇا ڪري رهيا آهيو؟ ڪنهن نه ڪنهن کي ته آخري وار ڪرڻو پوندو.“
ٽرمپ چيو ته ”تڪرار ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو هو، حملا بد کان بدتر ٿيندا پيا وڃن، اسان اهو معاملو ٻن ڏينهن اندر حل ڪرايو، مون کي ڊپ هو ته جيڪڏهن ڪا وڏي ڳالهه ٿي وڃي ها ته چون ها اها ٽرمپ جي غلطي هئي.“
آمريڪي صدر ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن طرفان سندس ڳالهه مڃڻ واري عمل کي ساراهيندي چيو ته” پاڪستان جا ماڻهو بهترين آهن، وٽن عظيم ليڊر آهن ۽ مودي به منهنجو دوست آهي ۽ اسان گڏجي سٺو ڪم ڪيو آهي.“