خضدار سانحو، ڀارت پنهنجي پراڪسيز ذريعي دهشتگرديءَ جي جنگ شروع ڪئي آهي، خواجا آصف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته خضدار ۾ پيش آيل واقعو دهشتگرديءَ جي بدترين مثال آهي ۽ اهڙين ڪارروائين پٺيان ڀارت جون پراڪسيز سرگرم آهن، جيڪي پاڪستان ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
پنهنجي بيان ۾ خواجا آصف چيو ته هڪ شخص گجرات کان شروع ٿيو، جيڪو جيئرا ماڻهو ساڙيندو رهيو ۽ پوءِ اِها دهشتگردي ٻين ملڪن ڏانهن ايڪسپورٽ وئي.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرد ڪارروائين لاءِ ڀارت جي ملوث هجڻ بابت ثبوت گهريا پيا وڃن ته پوءِ پاڪستان اڳ به ثبوت پيش ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي به اهڙا ثبوت پيش ڪيا ويندا.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته بلوچستان مان گرفتار ٿيل ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو ڇا ثبوت ناهي؟
ياد رهي ته گذريل ڏينهن دهشتگردن طرفان خضدار ۾ اسڪول بس تي حملو ڪيو ويو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٽن شاگردياڻين سميت پنج ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.