پاڪستان جو ڀارتي سفارتخاني جي هڪ اهلڪار کي ” اڻ وڻندڙ شخصيت “ قرار ڏئي مُلڪ ڇڏڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ڀارتي هاءِ ڪمشن جي هڪ اهلڪار کي ”اڻ وڻندڙ شخصيت۾ قرار ڏيندي“ 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لاڳاپيل اهلڪار کي غيرپشييوراڻين سرگرمين ۾ ملوث هئڻ جي بنياد تي ”ناپسنديده شخصيت“ قرار ڏنو ويو آهي.
بيان موجب، ڀارت جي ناظم الامور کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري، کيس پاڪستان جي فيصلي بابت باظابطا طور آگاهه ڪيو ويو.
ياد رهي ته ان کان اڳ گذريل ڏينهن ڀارت به پاڪستاني هاءِ ڪمشن جي هڪ اهلڪار کي ”ناپسنديده شخصيت“ قرار ڏئي 24 ڪلاڪن اندر ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو.
پاڪستان جيان ڀارت به پاڪستاني سفارتخاني جي اهلڪار تي غير پيشيوراڻين سرگرمين ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.