سرگوڌا (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو ۽ جيڪو ڪجهه ڀارت ڪيو، ان ۾ گهڻو فرق نه آهي.
سرگوڌا ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته جيئن ليپ ٽاپ کي وائرس کان بچائڻ لاءِ احتياط ڪندا آهيون، تيئن پنهنجي ذهن کي به ڪنهن سياسي وائرس کان بچائڻ گهرجي.
پنجاب جي وزيراعليٰ تحريڪ انصاف تي تنقيد ڪندي چيو ته 9 مئي تي فوجي ٿاڪن کي باهيون ڏنيون ويون، هن جماعت اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن ڏهاڪن ۾ نه ڪري سگهيو.
سندس چوڻ هو ته هڪ جماعت نوَ مئي تي اسان جي هٿياربند فوج جي ٿاڪن کي نشانو بڻايو، جن ٿاڪن کي باهيون ڏنيون ويون، ئي فضائيه دشمن جا پنج جهاز ڪيرايا.
You might also like