واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي راڄڌاني واشنگٽن ڊي سي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ اسرائيلي سفارتخاني جا ٻه اهلڪار مارجي ويا.
آمريڪا جي سيڪريٽري هوم لينڊ ڪرسٽي نوم جو چوڻ آهي ته فائرنگ جو واقعو واشنگٽن ڊي سي ۾ يهودي ميوزيم جي ويجهو پيش آيو، جنهن ۾ اسرائيلي سفارتخاني جا ٻه اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته واقعي جي جاچ جار ي آهي
سندس چوڻ هو ته مارجي ويلن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت شامل آهن، جڏهن ته فائرنگ دوران اسرائيلي سفير موجود نه هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فائرنگ کانپوءِ 30 سالن جي هڪ شڪي جوابدار کي ڪيو ويو آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا جاري آهي.
ٻئي پاسي، اسرائيلي سفارتخاني پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته مارجي ويلن کي ويجهو کان نشانو بڻايو ويو آهي.
You might also like