بابر، رضوان ۽ شاهين ڊراپ، جيڪي حڪمت عملي تحت کيڏندا ٽيم ۾ هوندا: هيڊ ڪوچ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بابراعظم ۽ محمد رضوان جي مستقبل بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
هيسن هڪ انٽرويوءَ دوران واضح ڪيو آهي ته رڳو تجربي يا شهرت جي بنياد تي ٽيم نه چونڊي ويندي، پر رانديگرن جي چونڊ سندن مخصوص صلاحيت موجب ڪئي ويندي، جيڪي ٽيم جي حڪمت عملي مطابق کيڏندا.
هن چيو ته ” اسان جا منصوبا ان ڳالهه تي ٻڌل هوندا ته اسان ڪهڙو انداز اختيار ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان کي ڪهڙي طرز جي ڪرڪيٽ کي اپنائڻو آهي.“
هيڊ ڪوچ وڌيڪ چيو ته کيس پڪ آهي ته هو پاڪستاني ٽيم ۾ نمايان بهتري آڻي سگهي ٿو ۽ هو اهڙي وائيٽ بال ٽيم ٺاهي سگهي ٿو جيڪا جديد، ڪامياب ۽ کٽڻ جي قابل هوندي.
هن چيو ته اهڙي ٽيم تيار ڪرڻ چاهي ٿو جيڪا مداحن جي ٻيهر حمايت حاصل ڪري سگهي، جيتوڻيڪ اهو سڀ ڪجهه هڪ وڏو چئلينج به آهي پر هو پراميد آهي.
واضح رهي ته مائيڪ هيسن جي ڪوچ طور پهريون امتحان بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز آهي، جيڪا هلندڙ مهيني جي آخر ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ان ڏس ۾ پاڪستان طرفان 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڳوڻن ڪپتانن، بابراعظم، محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.
تجزيي نگار مائيڪ هيسن جي نئين حڪمت عملي کي پاڪستان ٽيم ۾ نوان قرار ڏئي رهيا آهن يعني هاڻي نوجوانن ۽ نئين ٽيلينٽ سان اڳتي وڌڻ جو وقت اچي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.