اسرائيل ايراني جوهري ملڪيتن تي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي: آمريڪي اختياريون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي اختيارين انڪشاف ڪيو آهي ته ڄاڻ ملي آهي ته اسرائيل ايران جي جوهري ملڪيتن تي حملي جي تياري ڪري رهيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا آمريڪي چينل ”سي اين اين“ جي حوالي سان رپورٽ ڏني آهي ته آمريڪي ذريعن موجب نئين ڳجهي ڄاڻ مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسرائيل ايران جي جوهري ملڪيتن تي حملو ڪرڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.
آمريڪي اختيارين وڌيڪ چيو اهو واضح ناهي ته اسرائيلي قيادت ان حوالي سان ڪو حتمي فيصلو ڪيو آهي يا نه.
رپورٽ موجب هڪ اسرائيلي ذريعي ”سي اين اين“ کي ٻڌايو ته اسرائيل تهران سان ڪنهن به ”ناقص معاهدي“ کي قبول نه ڪندو ۽ صيهوني رياست اڪيلي سر ايران تي حملي جي تياريءَ ۾ لڳل آهي.
واضح رهي ته هيءَ اڳڀرائي اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تهران سان جوهري معاهدي جي ڪوششن ۾ مصروف آهي.
آمريڪي اختيارين موجب جيڪڏهن اسرائيل واقعي اهڙو حملو ڪري ٿو ته اهو ٽرمپ جي حڪمت عملي جي واضح ابتڙ هوندو ۽ ان جا نتيجا وچ اوڀر ۾ وڏي پيماني تي ڇڪتاڻ جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا.
آمريڪي اختيارين وڌيڪ چيو ته اسرائيل طرفان ان حملي بابت في الحال ڪنهن به حتمي قدم جو ڪو ثبوت موجود ناهي ۽ آمريڪي انتظاميا ۾ به ان ڳالهه تي اختلاف موجود آهي ته اسرائيل ايترو وڏو قدم کڻندو يا نه پر اهو فيصلو ان تي ڀاڙي ٿو ته اسرائيل ايران جي جوهري پروگرام بابت آمريڪا جي ڳالهين کي ڪهڙي نظر سان ٿو ڏسي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.