نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پرڏيهي وزارت خضدار دهشتگرد حملي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.
اربع ڏينهن ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان رنڌير جيسوال چيو ته اسان خضدار حملي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيون ٿا ۽ پاڪستان طرفان ان حملي ۾ ڀارتي هٿ ملوث هجڻ جي الزامن کي رد ڪيون ٿا.
هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اندروني معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ ڀارت تي الزام هڻي رهيو آهي.
Prev Post