آءِ فون واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري

جڳ مشهور وڊيو گيم ”فورٽ نآءِٽ“ آمريڪا ۾ ٻيهر آءِ فون واهپيدارن لاءِ دستياب ٿي وئي آهي.
ايپڪ گيمز جي ترجمان موجب، هاڻ واهپيدار فورٽ نائيٽ کي ايپڪ گيمز اسٽور ۽ آلٽ اسٽور تان ڊائونلوڊ ڪري سگهن ٿا.
ياد رهي ته ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنج سال اڳ فورٽ نائيٽ کي پنهنجي ايپ اسٽور تان هٽائي ڇڏيو هو، جڏهن ايپڪ گيمز پنهنجي گيم ۾ ان-ايپ پيمنٽ سسٽم متعارف ڪرايو هو، جيڪو ايپل جي پاليسين جي خلاف هو.
پر ٻنهي ڪمپنين جي وچ ۾ هلندڙ ڊگهي قانوني ويڙهه کانپوءِ عدالت فيصلو ڏنو ته ايپل گيم جي ٻاهر ٿيندڙ خريداري تي فيس نه وٺندي، جنهن کانپوءِ فورٽ نائيٽ ٻيهر آءِ او ايس لاءِ آمريڪي واهپيدارن کي دستياب هوندي.
فيصلي اچڻ کانپوءِ، ايپڪ گيمز جي سي اي او ٽم سوئيني هڪ پوسٽ ۾ اعلان ڪيو ته فورٽ نائيٽ کي آءِ او ايس تي واپس آڻڻ جو ارادو ڪيو ويو آهي.
هن ايپل کي آڇ ڪندي چيو ته جيڪڏهن ڪمپني عدالت جي مقرر ڪيل ”فرڪشن فري، ايپل ٽيڪس فري“ فريم ورڪ کي عالمي سطح تي لاڳو ڪري ته فورٽ نائيٽ ٻيهر ايپ اسٽور تي اچي سگهي ٿي ۽ ان معاملي تي موجوده يا مستقبل جا ڪيس ختم ڪيا ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.