”مون کي مفت ۾ چانور ملندا آهن“ سخت تنقيد بعد جاپاني وزير کي استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان جي زراعت واري وزير کي اهو چوڻ تي استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي ته کيس مفت چانور ملي ويندا آهن.
زراعت واري وزير جي اهڙي بيان کانپوءِ مٿس سخت تنقيد ڪئي وئي، ڇو ته جاپان ۾ کاڌي پيتي جي شين جي اگهن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب تاڪو ايٽو جي استعيفيٰ جولاءِ ۾ ٿيندڙ چونڊن کان اڳ وزيراعظم تي دٻاءُ وڌايو آهي، جيڪو چانورن ۽ ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه گهٽائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.
وزير توڪو ايٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مان پنهنجي استعيفيٰ وزيراعظم کي پيش ڪري ڇڏي آهي.
حڪومت چانورن جو اگهه گهٽائڻ لاءِ هلندڙ سال ايمرجنسي اسٽاڪ مان 3 لک ٽن چانور فراهم ڪيا هئا ۽ ان وقت توڪو ايٽو عوام کي پيش ڏکيائين تي همدردي ظاهر ڪئي هئي.
پر هلندڙ هفتي جي شروعات ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته مان ڪڏهن به چانور خريد ناهن ڪيا، ڇو ته منهنجا حامي ايترا چانور ڏيندا آهن جو مان کپائي سگهان ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.