ڪراچي( رپورٽر) سنڌ اسيمبلي حيدرآباد-سکر موٽر وي جي تعمير بابت ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي. پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر آصف موسيٰ اهو ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو. اسيمبلي ميمبرن مطالبو ڪيو ته وفاق نئين مالي سال ۾ منصوبي لاءِ رقم مختص ڪري. ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي ڪي اليڪٽرڪ خلاف عدالتي ڪميشن جي قيام بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي حڪومتي بينچن رد ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبر آصف موسيٰ حيدرآباد-سکر موٽر وي جي تعمير بابت ٺهراءُ پيش ڪيو.ايوان ۾ موجود سڀ جماعتون هڪ آواز ٿي ويون. علي خورشيدي چيو ته موٽر وي تمام ضروري آهي. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته هي منصوبو انتهائي اهم آهي. علي خورشيدي چيو ته موٽروي ڪراچي پورٽ کان شروع ٿيڻ گهرجي، حيدرآباد ڪراچي به موٽروي ناهي، عملي طور ڪم جي ضرورت آهي. ايم پي اي راشد چيو ته حيدرآباد کان ڪراچي چڱو خاصو ٽول ڏيڻو ٿو پوي جڏهن ته روڊ به ٽٽل آهي، سڀني کان وڌيڪ روينيو ڪراچي حيدرآباد کان اڳاڙيو وڃي ٿو موٽروي پورٽ کان شروع ٿيڻ گهرجي ها عقل جي انڌن لاهور کان موٽروي شروع ڪيو.سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ خلاف پيپلز پارٽي جي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شورو ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ چيو ته سنڌ سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو، پر گئس جي لوڊشيڊنگ به سنڌ ۾ ٿي رهي آهي. ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي عدالتي ڪميشن لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي حڪومتي بينچن رد ڪري ڇڏيو. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته هي ٺهراء ضروري آهي ان جي ضرورت آهي، سنڌ حڪومت ڄامشورو سيوهڻ روڊ لا 50 سيڪڙو شيئر وڌو پر وفاق ڪجهه نه ڏنو.