ارسلان خاصخيلي کي کنڀڻ جي مذمت ڪريون ٿا:زين شاهه

ڪراچي(پ ر ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه، پارٽي تعلقي ماتلي جي اڳواڻ ارسلان خاصخيلي جي جبري گمشدگي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي آمراڻي حڪمراني ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. بيگناهه نوجوانن کي اهڙي طرح گم ڪرڻ شهري بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي.پنهنجي جاري ڪيل مذمتي بيان ۾ سيد زين شاهه چيو ته گذريل رات حساس ادارن ۽ ماتلي پوليس ارسلان خاصخيلي کي گرفتار ڪري زبردستي گم ڪيو آهي، ارسلان خاصخيلي کي ڪهڙي قانون تحت کنيو ويو؟ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي وڏيراشاهي جو قانون هلي پيو آهي. سنڌ حڪومت آئين جي ابتڙ ڇاپن ۽ گرفتاريءَ سان ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪري رهي آهي،سيد زين شاهه سنڌ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو آهي ته هو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي غير آئيني ۽ غير قانوني عملن جو فوري نوٽيس وٺي، ۽ ارسلان خاصخيلي کي جلد کان جلد آزاد ڪرائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.