سنڌ اسيمبلي ۾ باڪسنگ چيمپيئن عاليا سومرو کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ٺهراءُ منظور

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي ۾ لياري سان واسطو رکندڙ عالمي باڪسنگ چيمپيئن ۽ ملڪ جي پهرين عورت ورلڊ چيمپيئن، عاليا سومرو کي مهمانن جي گيلري ۾ پينل آف چيئرمين طرفان ڀليڪار ڪيو ويو. اجلاس دوران عورتن جي باڪسنگ ۾ عالمي ڪاميابي حاصل ڪندڙ عاليا سومرو جي اعزاز ۾ ڀيٽا پيش ڪرڻ ٺهراءَ پيش ڪيو ويو، جيڪو منظور ڪيو ويو. ٺهراءَ جي منظوريءَ سان سڀني وزيرن کي هدايت ڪئي وئي ته عاليا سومرو کي مناسب انعام ڏنو وڃي. ايم پي اي شازيا ڪريم چيو ته سنڌ مان عالمي ڪاميابي ماڻيندڙ رانديگرن کي وفاق پاران ڊوميسائل جي بنياد تي نظرانداز ڪيو ويندو آهي، ۽ عاليا سومرو جي ڪاميابي شهيد بينظير ڀٽو جي عورتن جي مضبوط ويزن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. ايم پي اي صائما آغا چيو ته عاليا سومرو جو پٺتي پيل علائقي مان نڪري عالمي سطح تي ڪاميابي حاصل ڪرڻ فخر جوڳو آهي، ۽ ٻين رانديگرن کي به اڳتي آڻڻ لاءِ سهڪار ضروري آهي. صائمه آغا اها به نشاندهي ڪئي ته ڪرڪيٽ ٽيم ۾ سنڌ جا رانديگر شامل ناهن، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جا رانديگر عالمي ميچون کيڏندا آهن. هن چيو ته پنجاب سان واسطو رکندڙ رانديگر ارشد نديم کي به سنڌ سان واسطو رکندڙن طرفان گهرائي انعام ڏنا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.