ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي)ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد گوليمار جي علائقي ڳوٺ رئيس بھادر خان چاچڙ ۾ نامعلوم هٿياربندن چاچڙ برادري جي نوجوان 26 سالن اصغر علي چاچڙ پٽعيدن چاچڙ کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو،کيس استري جا ڏنڀ ڏنا ويا جنهن بعد نوجوان جي ٻانهن ڀڃي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو۽ لاش قبرستان جي ڀرسان خالي پلاٽ وٽ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا صبح جو سوير شهرين لاش کي ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو جنهن بعد پوليس پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو جنهن بعد وارثن مقتول نوجوان جو لاش ڪنڌڪوٽ شڪارپور انڊس هاءِ ڪالٽيڪس وٽ رکي ڌرڻو هڻي هنيو ڌرڻي سبب سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون ،ان موقعي تي وارثن عيدن چاچڙ بلند چاچڙ ۽ ٻين چيو ته اسان غريب مسڪين آهيون اسان جو گذر سفر ريڙهي هلائي ڪمائڻ سان آهي، هنن چيو ته اسان جو نوجوان گذريل شام جو گم هو جيڪو گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود نه مليو موبائيل نمبر به بند پئي آيو صبح جو سوير سان نوجوان اصغر چاچڙ جو لاش هٿ آيو اسان سان ظلم ٿيو آهي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪريون ته واقعي جو نوٽيس وٺي مقتول نوجوان اصغر علي چاچڙ جا قاتل گرفتار ڪري سخت سزا ڏني