ڪراچي(رپورٽ: خداڏنوشاھ)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ هڪ ڀيرو ٻيهر 39 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته پنجاب سنڌو درياھ تان کڻت وڌائڻ سان گڏ ڊيمن ۽ فلڊ ڪئنالن ۾ پڻ اضافي پاڻي کڻڻ واري هوڏ تي قائم آهي، روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب مئي جو ٽيون ڏهاڪو شروع ٿيندي ئي سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بدترين حد تائين وڌي 39 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، ارسا پاران سنڌ کي گڊو بئراج تي انڊينٽ موجب پاڻي نه ڏيڻ جي نتيجي ۾ سنڌ هڪ ڀيرو ٽيهر پاڻي جي بدترين کوٽ کي منهن ڏيئي رهيو آهي پر پنجاب پنهنجي هوڏ تي رهندي تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪئنال جي کڻت وڌائي 9730 ڪيوسڪ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته تڪراري ڌاڙيل چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۾ پڻ 19056 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ سان گڏ مجموعي طور تي سنڌو درياھ تان 49 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ سان گڏ ارسا کي مجموعي طور تي سنڌو درياھ تان 61 هزار ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ جو انڊينٽ ڏيئي ڇڏيو آهي، ٻي طرف سنڌ کي انڊينٽ جي ابتڙ گڊو بئراج بجائي چشما بئراج وٽان پاڻي ڏنو پيو وڃي جنهن جو 35 سيڪڙو کان وڌيڪ پاڻي گڊو تائين پهچندي گم ٿي وڃي ٿو، ٻي طرف پنجاب چناب درياھ جو ايندڙ سمورو 47 هزار 700 ڪيوسڪ پاڻي کڻڻ سان گڏ جهلم درياھ جي پاڻي مان 28 هزار ڪيوسڪ ڪئنالن لاءِ کڻي باقي 17 هزار 600 ڪيوسڪ پاڻي منگلا ڊيم ۾ جمع ڪري رهيو آهي، پنجاب منگلا تان کڻت گهٽائي سمورو وزن سنڌو درياھ مٿان وجهي جهلم جو پاڻي ذخيرو ڪري رهيو آهي جنهن ڪري ملڪ ۾ پاڻي جا ذخيرا 3 ڏهائي 478 ڪيوسڪ تائين پهچي ويا آهن، هڪ پاسي پنجاب ڊيم ڀري رهيو آهي ته ٻي طرف 1 لک 25 هزار 300 ڪيوسڪ پاڻي ڪئنالن کي ڏيئي رهيو آهي ته ٻي طرف سنڌ کي 77هزار 400 ڪيوسڪ جي جاءِ تي رڳو 47100 ڪيوسڪ پاڻي بئراجن لاءِ مليو آهي جنهن سبب سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي 39 سيڪڙو تائين پهچي ويئي آهي، سنڌ کي حصي جو پورو پاڻي نه ڏيڻ سبب گڊو بئراج کي 12600 جي جاءِ تي فقط 2900 ڪيوسڪ پاڻي مليو جنهن ڪري گڊو بئراج تي پاڻي جي کوٽ 77 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، سکر بئراج جي ڪئنالن کي 43100 ڪيوسڪ جي جاءِ تي 36100 ڪيوسڪ پاڻي مليو، جتي پاڻي جي کوٽ 12 مان وڌي 16 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان جي پڇاڙي واري ڪوٽڙي بئراج کي 21700 ڪيوسڪ جي جاءِ تي رڳو 8300 ڪيوسڪ پاڻي مليو جنهن ڪري ڪوٽڙي بئراج تي پاڻي جي کوٽ 62 سيڪڙو ٿي وئي آهي، هوڏانهن سنڌ آبادگار بورڊ ارسا پنجاب ۽ واپڊا جي سنڌ دشمن ڪردار جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي سنڌ آبادگار بورڊ جي ترجمان اسلم نواز مري روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته پنجاب ۽ ارسا جي سنڌ کي پاڻي ڏيڻ جي نيت ئي ناهي هنن چشما کان ٿورو پاڻي وڌايو ان ڪري آهي جو پنجاب کي جواز ٺاهي ڏنو وڃي ته اهو سنڌو درياھ تان وڌيڪ پاڻي کڻي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي روزاني عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته هٿ وٺي سنڌ ۽ وفاق جا حڪمران سنڌ کي سُڪائي رهيا آهن، 1991ع واري پاڻي ٺاھ تي عمل نه ڪرائي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي سنڌ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي ۾ پيپلزپارٽي جي سرڪار سڌي ريت ملوث آهي، هن مطالبو ڪيو ته بنا دير جي سنڌ جي حصي جو پاڻ گڊو بئراج تي ڏنو وڃي.