پرامن جدوجهد ڪندڙ سنڌ کي تشدد ڏانهن ڌڪڻ جي سازش ڪير پيو ڪري؟

ڪراچي (ارباب چانڊيو) سنڌ جي صوبائي گهرو ۽ قانون واري وزير ضيا لنجار جي موري ۾ واقع رهائشگاهه کي مبينا طور تي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي، جنهن سبب سڄي سنڌ ۾ ڇڪتاڻ واري فضا ڇانيل آهي. رپورٽن مطابق واقعي کانپوءِ صورتحال وڌيڪ تيز ٿي وئي آهي، جتي مختلف هنڌن تي فائرنگ، ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ۽ مارجي وڃڻ جون به خبرون سامهون آيون آهن.سوال اهو آهي ته ضيا لنجار جهڙي اهم شخصيت جو گهر جيڪڏهن پنهنجي ئي صوبي ۾ محفوظ نه آهي، ته پوءِ عام ماڻهن جي تحفظ جو سوال به اٿجي ٿو. اها سنڌ، جنهن پرامن جدوجهد ذريعي ڪئنالن جي مسئلي تي ڪاميابي ماڻي هئي، هاڻ تشدد جي لهر ڏانهن  ڇو ڌڪجي رهي آهي؟ سڄي دنيا ۾ سنڌ جي پرامن تحريڪ کي ساراهيو ويو هو، پر هاڻ ان امن کي ڪنهن ڏانهن وٺي وڃڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي؟اهو واقعو ڪنهن هڪ ڏينهن جو نتيجو نه آهي، پر اها انهن واقعن جي ڪڙي آهي، جيڪي اڳ ئي خطرناڪ صورتحال ڏي اشارو ڪري رهيا هئا. باخبر ذريعن موجب، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ اهڙا واقعا ٿيڻ جا امڪان آهن، جيڪي سنڌ ۾ تڪرار ۽ ٽڪراءَ کي هٿي ڏئي سگهن ٿا،ضيا لنجار جي گهر تي ٿيل حملي بعد مختلف حلقن مان اهڙيون به خبرون آهن ته هاڻ ان واقعي جو ردعمل وڌيڪ خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهي ٿو ٻئي پاسي پوليس پاران  ماڻهن جي گهرن ۾ گهڙڻ، انهن جي توهين ڪرڻ ۽ بناجواز ڪيس داخل ڪرڻ جهڙا عمل ماڻهن کي تشدد طرف ڌڪي رهيا آهن،اها صورتحال سنڌ سرڪار لاءِ ڳڻتي جوڳي بڻجي سگهي ٿي، ڇو ته جيڪڏهن واقعا وڌيا ته انهن جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال هٿن مان نڪري سگهي ٿي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ حڪومت سنجيدگي سان هن معاملي جو نوٽيس وٺي ۽ ڪنهن به تڪراري ۽ چڙڏياريندڙ عمل کان پاسو ڪري،جڏهن ته سنڌ جو تاريخي تشخص، ان جي پرامن تحريڪن تي ٻڌل رهيو آهي. ان کي محفوظ رکڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت عوام جي احساسن جو احترام ڪري، ۽ ظلم يا جبر جي هر صورت کان پاسو ڪيو وڃي. جيڪڏهن معاملو فوري طور تي حل نه ڪيو ويو ته سنڌ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ خطري جي گهنٽي بڻجي سگهي ٿي.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، اربع 21 مئي 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.