حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته ٺٽو، سجاول، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ميرپورخاص سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ ڏڪار واريون حالتون آھن. پنجاب چشمه ۽ تونسا ڪئنال ھلائي زبردستي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي رھيو آھي،هن چيو ته ھٿ وٺي سنڌ جي زرعي معيشت کي تباھ ڪيو ويو آھي. هن چيو ته 6 نوان ڪئنال سنڌ لاءِ ڊيٿ وارنٽ آھن. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ لکين ايڪڙ زمينن جا سودا ڪيا پيا وڃن. حڪمران سنڌ جي احتجاج کي نظرانداز ڪري رھيا آھن، جنھن جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا.