هندو انتهاپسندن جو احتجاج، ڀارتي اسٽيڊيم جي گيلريءَ مان دانش ڪنيريا جي تصوير هٽائي وئي

جئپور (ويب ڊيسڪ) پاڪ-ڀارت تازي تڪرار کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ڇڪتاڻ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ۽ ٻنهي طرفان هڪٻئي خلاف علامتي قدم کنيا پيا وڃن.
ان سلسلي ۾ پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا جي تصوير ڀارتي رياست راجسٿان جي سوائي مان سنگهه اسٽيڊيم جي گيلري مان هٽائي وئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، دانش ڪنيريا جي تصوير خلاف قدم ساڄي ڌر جي هندو انتهاپسند ڌرين جي احتجاج کانپوءِ کنيو ويو.
ان کان اڳ اسٽيڊيم انتظاميا جو چوڻ هو ته تصوير انهن ڪرڪيٽرن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لڳائي وئي آهي جن ميدان تي نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري، پر انتهاپسند ڌرين جي دٻاءَ کانپوءِ نيٺ تصوير هٽائي وئي آهي.
واضح رهي ته دانش ڪنيريا پاڪستان لاءِ 2000ع کان 2012ع تائين 61 ٽيسٽ ۽ 18 ون ڊي ميچون کيڏيون، جن ۾ هن ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 261 وڪيٽون حاصل ڪيون.
اڳوڻي ليگ اسپنر جو ڪيرئير 2012ع ۾ انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اسپاٽ فڪسنگ ڪيس کانپوءِ ختم ٿيو، جنهن ۾ سندس نالو اچڻ کانپوءِ مٿس تاحيات ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي مڙهي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.