ملڪي مفاد خلاف ڪم ڪندڙ هڪ لک کان وڌيڪ ويب سائيٽون ۽ هزارين يوٽيوب چينل بلاڪ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي اي ملڪي مفادن خلاف ڪم ڪندڙ هڪ لک کان وڌيڪ ويب سائيٽون ۽ هزارين يوٽيوب چينل بلاڪ ڪري ڇڏيا.
پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ملڪي سلامتي لاءِ ملڪي مفادن جي ابتڙ ڪم ڪندڙ ويب سائيٽن خلاف وڏي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي ۽ لکين ويب سائيٽن سان گڏ هزارين يوٽيوب چينل به بلاڪ ڪيا ويا آهن.
پي ٽي اي ان آپريشن ۾ هڪ لک 19 هزار 496 ويب سائيٽن بلاڪ ڪيون، جڏهن ته 3 هزار 248 يوٽيوب چينل پڻ بلاڪ ڪيا ويا.
پي ٽي اي اختيارين جو چوڻ آهي ته بند ويب سائيٽن جا تفصيل جاري ڪرڻ رازداري اصولن سبب ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.