عورت سان لاڳاپن جي الزام ۾ هڪ شخص بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ اونهي پاڻي ۾ ڇڏيو ويو

ڊيرا غازي خان (ويب ڊيسڪ) ڊيرا غازي خان جي قبيلائي علائقي ۾ عورت سان لاڳاپن جي الزام ۾ جرڳي هڪ شخص کي پنهنجي بي گناهي ثابت ڪرڻ لاءِ اونهي پاڻي ۾ ڇڏي ڏنو.
جرڳي جي فيصلي کانپوءِ الزام هيٺ آيل شخص پاڻي ۾ مقرر وقت تائين رهڻ بعد جيئرو نڪري آيو، قبيلائي رسم موجب الزام هيٺ آيل شخص ٻئي شخص جي 22 قدم هلڻ تائين پاڻي ۾ رهندو ۽ کيس پنهنجو منهن به پاڻي ۾ اندر ئي رکڻو آهي.
واقعي کانپوءِ جرڳو ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪري 9 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
متاثر شخص چيو ته مون تي ڪوڙو الزام هنيو ويو، منهنجي حياتي به وڃي پئي سگهي، وزيراعليٰ پنجاب انصاف ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.