اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ نور مقدم ڪيس ۾ جوابدار ظاهر جعفر جي اپيل رد ڪندي موت جي سزا برقرار رکي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ نور مقدم قتل ڪيس جي جوابدار ظاهر جعفر طرفان موت جي سزا خلاف اپيل تي ٻڌڻي ٿي، جتي جوابدار جي وڪيل سلمان صفدر دليل ڏيندي چيو ته پراسيڪيوشن جو سمورو ڪيس سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ ڊي وي آر تي ٻڌل آهي، اپيل ڪندڙ خلاف شاهدي شڪ شبهي کان مٿي هجڻ گهرجي.
وڪيل چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پراسيڪيوشن جي فوٽيج هلائي وئي پر اها هلي نه سگهي، ان تي جسٽس هاشم ڪاڪڙ چيو ته جنهن سي سي ٽي وي تي اوهان اعتراض پيا ڪريو، اوهان پاڻ ئي ان کي قبول ڪري چڪا آهيو، پنجاب فرانزڪ سائنس ليبارٽري به چيو آهي ته فوٽيج سان نه ته ڪا ڇيڙ ڇاڙ ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي اها ٽيمپرڊ آهي، جيڪڏهن اها وڊيو ڪنهن انسان ٺاهي هجي ها ته اعتراض ٿي سگهي پيو ته مخصوص حصو ڏيکاريو ويو پر هتي ته وڊيو سي سي ٽي وي ڪيمرا ذريعي رڪارڊ ٿيل آهي، جنهن ۾ ڪا به انساني مداخلت ناهي.
ڪيس جي ٻين جوابدارن چوڪيدار ۽ مالي جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته انهن ٻنهي کي ڏهه – ڏهه سال قيد جي سزا ملي آهي، الزام آهي ته هنن مقتولا کي وڃڻ کان روڪيو. ان تي جسٽس علي باقر چيو ته جيڪڏهن جوابدار مقتولا کي نه روڪين ها ته معاملو ڪجهه ٻيو هجي ها.
ان کان پوءِ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو ٻڌائيندي قتل ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر جي اپيل رد ڪري ڇڏي ۽ موت جي سزا برقرار رکي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ظاهر جعفر جي چوڪيدار ۽ مالي جون سزائون گهٽائي ڇڏيون.
You might also like