محسن نقوي جو راند جي ميدان ۾ به ڀارت تي اثرائتو وار، بنگلاديش پاڪستان اچڻ لاءِ تيار

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ بنگلاديشي ٽيم پاڪستان جي دوري تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ۽ بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين ۽ صدر فاروق احمد وچ ۾ دبئي ۾ ڊگهي ملاقات ٿي، جنهن دوران فيصلو ڪيو ويو ته بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم ٽي ٽوئنٽي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان ايندي.
ذريعن موجب، ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ٿيندي، سموريون ميچون لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي پروپئگينڊا سبب ڪجهه بنگلاديشي رانديگر پاڪستان جي دوري بابت ٻڏتر جو شڪار هئا، جنهن بعد محسن نقوي هڪ ڏينهن جي خاص دوري تي دبئي پهتو، جتي هن بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ڪيون.
ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري ڳالهين کانپوءِ پي سي بي چيئرمين بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ کي پاڪستان جي دوري لاءِ راضي ڪري ورتو.
محسن نقوي پاڪستان جي دوري تي راضپو ظاهر ڪرڻ تي بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ اختيارين جا ٿورا پڻ مڃيا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ رٿيل سيريز جون تاريخون هڪ ٻن ڏينهن ۾ طئي ڪيون وينديون ۽ تمام جلد ميچن جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.