رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز هڪ هزار فلسطيني مردن ۽ عورتن کي پنهنجي ذاتي خرچ تي حج ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، شاهه سلمان سومر ڏينهن اعلان ڪيو ته هن سال هڪ هزار فلسطيني پانڌيئڙن کي سندس ذاتي خرچ تي حج ڪرايو ويندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هي قدم اسرائيلي جارحيت دوران شهيد يا زخمي ٿيندڙ فلسطيني شهرين جي پونئرن سان همدرديءَ جي اظهار طور کنيو ويو آهي.
هي ميزباني ”خادم الحرمين الشريفين جي مهمانن“ واري پروگرام جو حصو آهي، جنهن جي نگراني سعودي جي اسلامي معاملن، دعوت ۽ رهنمائي واري وزارت ڪري رهي آهي.
سعودي وزارت موجب، فلسطيني مهمانن لاءِ حج جي عبادتن کي سولو ۽ سهولت وارو بڻائڻ لاءِ گڏيل انتظامي منصوبا تيار ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فلسطيني حج پانڌيئڙن کي سندن ڏيهه مان روانگيءَ کان وٺي واپس اچڻ تائين سفري، رهائشي ۽ عبادتي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.